Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
هئا، انهن سان برڪت حاصل ڪندا هئا، الله پاڪ کين به وڏو عالم، فاضل، نيڪ بُزرگ ۽ بابرڪت بڻائي ڇڏيو. اسان کي گهرجي ته پنهنجي وڏن جو، نيڪ ماڻهن جو، اولياءِ ڪرام جو اَدب به ڪيون ۽ انهن سان، انهن جي تبَرُّڪات سان برڪت به وٺون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
ان کي ڄاتو، ان کي سڃاتو نه رکيو غيرن سان واسطو!
پيارا اسلامي ڀائرو! امام جلال الدين سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ ٻي به نهايت ئي پياري ۽ ايمان اَفروز عادت مبارڪ هئي ته پاڻ هميشه سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڏانهن متوجهه رهندا هئا، ڪنهن ٻئي سان ڪو واسطو نه رکندا هئا * ڪنهن کي پنهنجو ڏک پريشاني نه ٻڌائيندا هئا * جڏهن به ڪا مشڪل پريشاني ايندي هئي بارگاھِ رسالت ۾ ئي عرض ڪندا هئا * علامه زڪريا بن محمد شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سندن دور جا عالمِ دين هئا، اهي فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون کي ان وقت جي حڪومت ۾ هڪ ضروري ڪم پئجي ويو، مون امام جلال الدين سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري عرض ڪيو: سائين!(اوهان پاڻ بادشاهن وٽ نٿا وڃو ته هيئن ڪيو) منهنجي ڪم جي لاءِ هڪ خط لکي ڪري پنهنجي ڪنهن شاگرد جي هٿان حڪومتي عهديدارن تائين پهچائيندا! ته جيئن منهنجو ڪم ٿي وڃي، امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کان انڪار ڪيو، مون کي ان تي تمام گهڻو ڏک پهتو ۽ مان اتان کان اٿي ڪري هليو آيس، اڃا مان سندن وٽان واپس اچي ئي رهيو هيس ته کانئن ڪنهن کي موڪلي ڪري مون کي واپس گهرايو ۽ هڪ ننڍو صفحو مون کي ڏنو، ان ۾ لکيل هيو: مون کي اَلحَمۡدُلله! 70 کان به وڌيڪ ڀيرا