Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
آهي، اسان کي هن جي عادت بڻائڻ گهرجي * قرآنِ پاڪ ۾ شعائر الله جي تعظيم کي دل جي تقويٰ فرمايو ويو آهي ۽ اولياءِ ڪرام به شعائرُ الله ۾ داخل آهن.[1] * الحمدلله! نيڪ ماڻهو ۽ ان سان نسبت رکڻ واريون شيون نهايت برڪت واريون آهن * انهن جي صدقي امن نصيب ٿيندو آهي * آفتون پري ٿينديون آهن * گناهن کان ڇوٽڪارو ملندو آهي * نيڪين ۾ دل لڳندي آهي * بيمارين کان شفا ملندي آهي * ۽ هڪ اهم برڪت اها آهي ته جيڪو انسان نيڪ ماڻهن جو ادب ڪندو آهي، انهن جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري يا انهن کان نسبت رکڻ وارين شين جو اَدب ڪري برڪت حاصل ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي به بابرڪت بڻائي ڇڏيندو آهي.
امام جلال الدين سيوطي بابرڪت شخصيت آهن
ڏسو! امام جلالُ الدين سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عادت مبارڪه هئي، سندن نيڪ ماڻهن جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا، انهن کان برڪت حاصل ڪندا هئا، کائنس ڪرم ٿيو، الله پاڪ کين کي به بابرڪت بڻائي ڇڏيو، جيئن ته سندن شاگرد شيخ عبدالقادر شازلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: ماڻهو امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان تمام گهڻي عقيدت رکندا هئا، ماڻهو کائنس اهڙي عقيدت ۽ محبت رکندا هئا جهڙي مديني پاڪ جي عالم امام مالڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان رکي ويندي هئي، ماڻهون سندن ڪتاب نهايت شوق سان خريد ڪندا، انهن کي پڙهندا ۽ ڪاپيون ڪرائي اڳتي پهچائيندا هئا، ماڻهن کي کائنس ايتري حد تائين عقيدت هئي جو سندن نالي جي باس باسيندا هئا ته جيڪڏهن الله پاڪ مون کي پٽ عطا ڪيو ته امام جلالُ الدين سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نسبت سان سندس نالو عبدالرحمٰن رکندس.[2]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي نيڪ ماڻهن سان محبت و عقيدت رکڻ جو فائدو...!! امام جلالُ الدين سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نيڪ ماڻهن جو ادب ڪندا