Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

عمر مبارڪ ۾ پاڻ بلڪل گوشه نشين ٿي ويا هئا، ان کان پوءِ سندن صرف ٻه ڪم هئا: ڪتاب لکندا ۽ الله پاڪ جي عبادت ۾ وقت گذاريندا هئا.[1]

سندن سوين ڪتاب لکيا، ديني موضوعن تي تمام گهٽ ئي عنوان هوندا، جن تي سندن ڪتاب نه هجي، نه ته* علمِ تفسير جي موضوع تي سندن ڪتاب آهن* علمِ حديث جي موضُوع تي ڪيئي ڪتاب لکيل آهن. * تَصَوُّف ۽ فڪرِ آخرت وغيره جي عنوانن تي سندن ڪتاب لکيل آهن * فقه ۾ سندن ڪتاب آهن * مطلب ته تقريباً هر عنوان تي سندن ڪونه ڪو ڪتاب، ڪونه ڪو رسالو ملي وڃي ٿو.

امام   سُيُوطي ۽ خدمتِ والدين مصطفيٰ

* تصنيف و تاليف جي ميدان ۾ هڪ نهايت ئي اهم ڪم جيڪو پاڻ
 رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيو آهي، اهي سندن 6 رسالا آهن، جن ۾ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهو ثابت ڪيو آهي ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا والدين مسلمان هئا. ڪجھ ماڻهو هئا جيڪي مَعَاذالله! والدين مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي مسلمان نه مڃيندا هئا، شايد امام سُيُوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پهرين شخصيت آهن، جن هن موضوع تي باقاعده ڪتاب لکيا ۽ پوءِ هڪ ٻه نه بلڪ پورا 6 رسالا لکيا ۽ اُنهن ۾ قرآن و حديث جي روشني ۾ مضبوط دليلن سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کان وٺي ڪري حضرت عبدالله و آمنه رَضِىَ اللهُ عَنْهُما تائين پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نسب ۾ جيترا به مرد ۽ عورتون آهن، سڀئي مسلمان، نيڪ، عبادت گذار، پرهيزگار ۽ پنهنجي پنهنجي دور جون بلند رتبي واريون شخصيتون هيون.

    جيڪي اسلامي ڀائر عربي پڙهڻ ڄاڻين ٿا، انهن کي گهرجي ته امام


 

 



[1] اَلْکَوَاکِبُ السَّائِرَہ،جز:1، صفحہ:229ملتقطًا۔