Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَـوَیْتُ سُنَّتَ الاعْتِکَاف              (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي) 

درودِ پاڪ جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! امام جلال الدين سُيُوطي شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ نهايت پيارو ڪتاب آهي: خَصائصُ الڪبريٰ. هن ۾ امام جلال الدّين سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خصوصي شان کي ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب جي جلد :2 صفحي: 304 تي امام سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: اسان جي نبي، پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هڪ خصوصيت اها به آهي ته الله پاڪ گذريل نبين کي جيڪي جيڪي معجزا يا جيڪي فضائل عطا فرمايا آهن. ان جهڙي فضيلت يا ان کان به اعليٰ درجي جي فضيلت اسان جي آقا و موليٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا فرمائي آهي. مثلاً حضرت آدمعَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي اهو شرف عطا ٿيو جو پاڻ مَسجُودِ ملائڪ آهن(يعني ملائڪن سندن بارگاھ ۾ تعظيمي سجدو ڪيو). حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي هن شان جي مقابلي ۾ اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اها شان آهي جو الله پاڪ فرمايو:

اِنَّ اللّٰہَ وَ مَلٰٓئِکَتَہٗ  یُصَلُّوۡنَ عَلَی النَّبِیِّ ؕ یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا صَلُّوۡا عَلَیۡہِ  وَ سَلِّمُوۡا  تَسۡلِیۡمًا (۵۶)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ نبي تي درود موڪلن ٿا. اي ايمان وارؤ! ان تي درود ۽ خوب سلام موڪليو. (سيپارو: 22، سورة احزاب، آيت: 56)

امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: هي شرف جيڪو الله پاڪ پنهنجي پياري ۽