Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

ٿينديون آهن. * الله پاڪ ۽  ملائڪ ان تي 70 ڀيرا درود موڪليندا آهن. * ان جي اعمالنامي ۾ 10 نيڪيون لکيون وينديون آهن. *جيڪو صرف هڪ ڀيرو درود شريف پڙهندو آهي، ان جون 100 حاجتون پوريون ٿينديون آهي. * ٻانهو جيستائين درود شريف پڙهندو آهي، ملائڪ درود موڪليندا رهندا آهن * دنيا ۾ ڪثرت سان درود پڙهڻ وارو قيامت جي ڏينهن آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي گهڻو ويجهو هوندو. ڪثرت سان درود شريف پڙهڻ وارو قيامت جي هولناڪين کان جلد نجات ماڻي وٺندو. *جيڪو ٻانهو 10 ڀيرا صبح، 10 ڀيرا شام جو درود پاڪ پڙهي، ان کي قيامت جي ڏينهن آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شفاعت نصيب ٿيندي. * جيڪو ڪثرت سان درود پڙهندو آهي، قيامت جي ڏينهن عرش جي ڇانوَ ۾ جڳھ ماڻيندو * جيڪو انسان ڪنهن ڪتاب ۾ درود شريف لکي، جيستائين اهو درود پاڪ لکيل رهندو، ملائڪ ان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا رهندا. * آّخر ۾ امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ روايت ذڪر ڪئي: الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وحي فرمائي: اي موسيٰ ڇا تون چاهين ٿو ته قيامت جي ڏينهن توکي اُڃَ نه لڳي؟ عرض ڪيائون: جي ها! موليٰ! مان چاهيان ٿو. فرمايو: پوءِ منهنجي محبوب مُحمَّد مصطفيٰ
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪثرت سان درود پڙهندا ڪيو.  [1] 

 سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! درود شريف پڙهڻ جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن. الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان درود شريف پڙهڻ وارو بڻائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللہُ  عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1] الخصائص الکبریٰ ،باب اختصاصہ  صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ  وَسَلَّم بفضیلۃ الصلاۃ علیہ،جلد:2،صفحہ:453-458 خلاصۃً۔