Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
الله! الله! ڇا شان آهي امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو....!! وقت جو بادشاھ جيڪو ڪم تلوار سان نه ڪري سگهيو، امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهو ئي ڪم ڪتاب سان ڪري ڏيکاريو.
رسائل امير اهل سُنت جي مدني بهار
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄوڪي دور ۾ الله پاڪ شيخ طريقت امير اهل سنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه تي به تمام گهڻيون ڪرم نوازيون فرمايون آهن، امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيان پاڻ به تصنيف ۽ تاليف جو تمام گهڻو شوق رکن ٿا، اَلحَمۡدُلله! سندن قلم ۾ به الله پاڪ تاثير عطا فرمائي آهي، سندن لکيل ديني رسالا ۽ ڪتاب پڙهي ڪري لکين ماڻهن جي زندگين ۾ انقلاب آيو آهي. يُوپي هند جو واقعو آهي، هڪ شخص جيڪو غيرمسلم هيو ۽ مسلمانن سان تمام گهڻي نفرت ڪندو هو. ان جي قسمت جو ستارو چمڪيو ۽ ان کي ڪٿان کان امير اهل سنت جو رسالو احترام مسلم ملي ويو. ان جڏهن هي رسالو پڙهيو ته حيران ٿي ويو ته مان جن مسلمانن کان نفرت ڪيان ٿو، انهن جو مذهب اسلام ڪيترو پيارو آهي، بس هي رسالو پڙهي ڪري سندن دل ۾ اسلام جي محبّت ويهي وئي، ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ان جي ڪجھ اسلامي ڀائرن سان ملاقات ٿي ۽ اهو غير مسلم انهن اسلامي ڀائرن جي هٿ تي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.[1]
لاکھوں کو سنتوں کا پیکر بنا دیا ہے ہے زندہ و مسلّم عطّار کی کرامت
بگڑوں کو راہِ حق کا متلاشی کر دیا ہے دِل صاف ستھرا کر دے عطّار کی بصیرت([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد