Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا هي 6 رسالا ضرور پڙهن ۽ جن کي عربي پڙهڻ نٿي اچي، انهن جي لاءِ به خوشخبري آهي ته آخري نبي جا والدين ڪريمين جي نالي سان اردو زبان ۾ هڪ جامع ڪتاب دعوت اسلامي جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪئي وئي آهي. www.dawateislami.net تان هي ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو! پڙهو! ۽ ايمان تازو ڪيو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ڪتاب ٻڌڻ جي لاءِ اجتماع ٿيندا هئا
پيارا اسلامي ڀائرو! امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي الله پاڪ جو اهو به وڏو ڪرم هيو جو سندن ڪتاب کين زندگي مبارڪ ئي ۾ مشرق و مغرب ۾ پکڙجي چڪا هئا، ماڻهو نهايت شوق سان سندن ڪتاب پڙهندا هئا، انهن جون ڪاپيون ڪرائي اڳتي پهچائيندا هئا، ماڻهو کائنس ايتري ته عقيدت رکندا هئا جو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ اجتماع منعقد ڪندا ۽ باقاعده اهتمام سان ماڻهن کي جمع ڪري سندن ڪتاب پڙهي ٻڌائيندا هئا.[1]
امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇوته متقي، پرهيزگار ۽ باعمل عالمِ دين هئا، لهٰذا سندن قلم ۾ تمام گهڻي تاثير هئي، هڪ ڀيري آفريقه جي ويجهو هڪ اسلامي ملڪ ۾ ڪجھ ماڻهن سلطان جي خلاف بغاوت ڪئي، سلطان بغاوت روڪڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيا، آخر اُتان جا ماڻهو امام جلال الدين سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، سندن بغاوت ڪرڻ وارن جي لاءِ هڪ رسالو لکي انهن کي عطا فرمايو انهن ماڻهن وڃي انهن بغاوت ڪرڻ وارن جي سامهون جيئن ئي اهو رسالو پڙهيو ته اهي سڀئي بغاوت کان رڪجي ويا.[2]