Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عطا فرمايو، 2
سببن جي ڪري حضرت آدم عَلَيۡهِ
السَّلَام کي ملڻ واري شرف کان وڌيڪ افضل
آهي. (1) ملائڪن حضرت حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي سجدو هڪ ڀيرو ڪيو پر آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهو شان آهي جو شروع کان وٺي ڪري هاڻي تائين ۽ هاڻي کان
قيامت تائين الله پاڪ ۽ ان جا ملائڪ درود شريف موڪلي رهيا آهن. (2) حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي
سجدو صرف ملائڪن ڪيو هيو پر اسان جي آقا
صَلَّى اللّٰهُ
عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود الله پاڪ به موڪلي ٿو، ملائڪ به
موڪلين ٿا ۽ اهلِ ايمان به اهو شرف حاصل ڪن ٿا. (الخصائص الکبریٰ،ذکر موازاۃ الانبیاءفی
فضائلہم...الخ،جلد:2،صفحہ:304، 305خلاصۃً۔)
سب سے اَوْلیٰ و اعلیٰ ہمارا نبی سب سے بالا و اعلیٰ ہمارا نبی
اپنے مولیٰ کا پیارا ہمارا نبی دونوں عالَم کا دولہا ہمارا نبی
خلق سے اَوْلیا، اَوْلیا سے رُسُل اور رسولوں سے اعلیٰ ہمارا نبی
مُلکِ کونین میں انبیا تاجدار تاجداروں کا آقا ہمارا نبی([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي ڪيتري عظيم شرف جي ڳالھ آهي جو اهو ڪم جيڪو الله پاڪ ڪري ٿو، ان جا ملائڪن ڪن ٿا، الله پاڪ اسان کي به اهو ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پوءِ جيڪڏهن اسان هن سعادت کان محروم رهجي وڃون يعني پنهنجي آقا و موليٰ، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود نه پڙهون ته هي ڪيتري وڏي محرومي جي ڳالھ آهي. اسان کي گهرجي ته اسان ڪثرت سان درود پاڪ پڙهڻ جي عادت بڻايون. امام سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه خَصائصُ الڪبريٰ ۾ درود پاڪ جا فضائل به لکيا آهن، سندن ذڪر ڪيل حديثن جي مطابق * جيڪو انسان هڪ ڀيرو درود شريف وڙهندو آهي، ان تي 10 رحمتون نازل