Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

جا آقا. مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وليمو ڪندا هئا امُّ المؤمنين حضرت صفيه رَضِىَ اللهُ عَنْها سان نڪاح جي وقت پاڻ ڪريم  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وليمي ۾ حَرِيسه کارايو.[1] حَرِيسه جي وضاحت: کجور، مکڻ، کارڪون ۽ گيھ ملائي ڪري تيار ڪيل کاڌي کي حَرِيسه چيو ويندو آهي، انهن جا کوڙ قِسم آهن ۽ مختلف طريقن سان بڻايو ويندو آهي.

 * اهڙيءَ طرح امُّ المؤمنين زينب رَضِىَ اللهُ عَنْها سان  نڪاح جي وقت پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وليمي ۾ هڪ ٻڪري ذبح فرمائي، هي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي طرفان ڪيل وليمن مان سڀني کان وڏو وليمو هو.[2]

   وليمي جي دعوت جي بابت مدني گُلَ: * وليمو مرد جي حيثيت جي مطابق آهي، مثال طور غريب آهي ته پنهنجي حيثيت جي مطابق دعوت جو اهتمام ڪري، امير پنهنجي حيثيت جي مطابق [3] * وليمو شاديءَ جي پهرين رات کان بعد ڪرڻ سنّت آهي، ڪجھ ماڻهو نڪاح کان پهريان ئي وليمو ڪري ڇڏيندا آهن، هن طرح ڪرڻ سان سنّت ادا نه ٿيندي * وليمي جي دعوت قبول ڪرڻ سنّت آهي، البته جنهن وليمي ۾ يا دعوت جي باري ۾ معلوم آهي ته اتي خرافات (مثال طور ناچ گانا ٿيندا يا عورتون ۽ مرد ڳڏ ٿيندا) ته اتي نه وڃي.[4]

 اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن  صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو


 

 



[1] بخاری، کتاب:النکاح، باب:الولیمۃ ولو بشاۃ، صفحہ:1330، حدیث:5169۔

[2] بخاری، کتاب:النکاح، باب:الولیمۃ ولو بشاۃ، صفحہ:1330، حدیث:5168۔

[3] فتح الباری، کتاب:النکاح، باب:الولیمۃ ولو بشاۃ، جلد:9، صفحہ:293، تحت الحدیث:5167 ۔

[4] بہارِ شریعت، جلد:3، صفحہ:392، حصہ:16خلاصۃً۔