Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

اهو ئي سبب هو جو پاڻ بادشاهن جي درٻار ۾ وڃڻ پسند نه ڪندا هئا، سُلطان قَانۡصُوۡه غوري جيڪو ان وقت جو بادشاھ هو، ان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته سندن ان جي درٻار ۾ تشريف کڻي اچن، ان جي لاءِ سلطان سخت رويو به اختيار ڪيو پر پاڻ ڪڏهن به ان جي درٻار ۾ نه ويا، امام صالح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه امام جلالُ الدِّين سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا عقيدت مند هئا، اهي فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مون گذارش ڪئي ته اوهان سلطان غوري سان ملڻ ڇو نٿا وڃو؟ اُن تي پاڻ فرمايائون: اڄ ته اها ڳالهه چئي اٿئي، اڄ کان پوءِ نه چئجان، پوءِ پاڻ هڪ روايت جو حوالو ڏيندي فرمايو: هڪ صحابي(جنهن جو نالو عِمران بن حُصَين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هو، ان) وٽ ملائڪ حاضر ٿيندا ۽ سلام ڪندا هئا، هڪ ڀيري هُو بيمار ٿي پيا ۽ انهن سخت ضرورت سبب اهڙو علاج ڪرايو جيڪو توَّڪل جي خلاف هو ۽ ان کان حديث پاڪ ۾ منع ڪيو ويو آهي، اُن ڏينهن کان اُن وٽ ملائڪن حاضر ٿيڻ ۽ سلام ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو.

هي روايت ٻڌائي امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: مون کي به اهو خوف آهي ته ڪٿي ايئن نه ٿي، مان سلطان وٽ وڃان ۽ ان سبب ديدارِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي نعمت کان محروم ٿي وڃان.[1]

سبھی دنیا و مافیہا سے بڑھ کر قدر و قیمت میں

جنہیں بھاتی تھی آقا کی زیارت! تھے جلالُ الدِّین

      الله! الله! اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! امام جلالُ الدِّين سيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن عظيم نعمت جا ڪيترا قدردان هئا، وقت جي بادشاھ جي طرفان زور ڀريو پيو وڃي، نقصان پڄڻ جو به انديشو آهي، ان جي باوجود پاڻ سُلطان وٽ وڃڻ پسند نه فرمايو، ڇو؟ انڪري جو حديثن ۾ عالمن کي بادشاهن


 

 



[1] بَہْجَۃُ الْعَابِدِین،صفحہ:155خلاصۃً۔