Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
جي خوشامد کان منع ڪيو ويو آهي، امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڊڄندا هئا ته ڪٿي مان حديث پاڪ جي مُخالفت ڪري ديدار مصطفيٰ جي نعمت کان محروم نه ٿي وڃان..!!
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي اسان جي لاءِ به هڪ سبق آهي، تقريباً هر مسلمان جيڪو عاشق رسول آهي، ان جي دل ۾ اها تمنّا ته هوندي آهي ته ڪاش! خواب ۾ ئي سهي، پر ديدارِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نصيب ٿي وڃي. سوچڻ جهڙي ڳالھ اها آهي ته اسان پنهنجي هن تمنّا جي لاءِ محنت ۽ ڪوشش ڪيتري ڪيون ٿا؟ يقيناً هي اسان جي اختيار ۾ ناهي، رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جنهن کي چاهين، ديدار جي نعمت سان نوازيندا آهن پر ٿورو غور ته فرمايو! اسان کي پنهنجو گهر ٺاهڻو، گاڏي خريدڻي يا ڪجھ هزارن جي موبائل ئي وٺڻ جي تمنّا هجي ته ڪجھ ماڻهو هڪ هڪ روپيو گڏ ڪندا آهن، ان جي لاءِ محنت ڪندا آهن، ڪجھ وڏيون تمنائون هجن ته ڏينهن رات به هڪ ڪئي ويندي آهي، ٿورو سوچيو ته سهي ڇا اسان پنهنجي هن تمنّا جي لاءِ به ڪجھ محنت ڪيون ٿا؟ * ڪثرت سان درود پاڪ پڙهڻ واري جي متعلق خوشخبري آهي ته ان کي ديدار مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نصيب ٿيندو آهي، ڇا اسان ڪثرت سان درود شريف پڙهون ٿا؟ * سنتن تي عمل ڪرڻ واري جي متعلق اُميد آهي ته پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان تي ڪرم فرمائيندا، خواب ۾ تشريف کڻي ايندا، ڇا اسان ديدار مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تمنّا ۾ سنتن تي عمل ڪيون ٿا؟ * پرهيزگاري اپنائڻ سان * اکين کي گناهن کان بچائڻ سان * غيبت، چغلي وغيره گناهن کان بچڻ جي برڪت سان * دين جي خدمت ڪرڻ سان * دين جي راھ ۾ قربانيون ڏيڻ سان * ديدار مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي طلب ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ سان اميد ڪري سگهجي ٿي ته الله پاڪ جا آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪرم فرمائين، خواب ۾ تشريف کڻي اچن، سوال اهو آهي ته اسان جيئن پنهنجون