Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
هلندس، سو اسان جنَّتُ الۡمَعۡليٰ جي دروازي تائين آياسون، امام سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: اکيون بند ڪر. مون اکيون بند ڪيون، ٿوري دير کان پوءِ فرمايائون: هاڻي اکيون کُول! مون اکيون کوليون ته اسان مصر ۾ واپس اچي چڪا هئاسين.
( اَلْکَوَاکِبُ السَّائِرَہ باعیان المائۃ العاشرۃ، جلد:1، صفحہ:229ملتقطًا۔)
هر خميس تي بريلي کان مديني جو سفر
اسان جا آقا، اعلي حضرت امام اهل سنت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هر جمعرات تي بريلي کان مديني شريف تشريف کڻي ويندا هئا. خليفهءِ اعلي حضرت مولانا جميل رضوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن جا صاحبزاده حضرت علاّمه مولانا حميدُ الرَّحمٰن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه قادري رضوي فرمائن ٿا: مان انهن ڏينهن ۾ ننڍو ٻار هيس ۽ مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مون سان به، ۽ هر ننڍي ٻار سان ”اوهان“ چئي ڪري گفتگو فرمائيندا هئا. ڇڙٻون ڏيڻ، دڙڪا ڏيڻ ۽ تون تون، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزاج مبارڪ ۾ نه هو. هڪ ڀيري خميس جي ڏينهن مان بريلي شريف ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي گهر ۾ حاضر هئس ته هڪ شخص کين ملاقات لاءِ آيو، ۽ اهو وقت عام ملاقات جو نه هو، پر هو ملڻ لاءِ اِصرار ڪري رهيو هو نيٺ مان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خاص ڪمري ۾ پيغام ڏيڻ لاءِ هليو ويس، پر ڪمري ۾ ته ڇا پوري گهر ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪٿي به مون کي نظر نه آيا. اسان حيران هئاسين ته آخر ڪيڏانهن تشريف کڻي ويا. انهيءَ سوچ ۾ سڀئي بيٺا هئاسين ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اوچتو پنهنجي خاص ڪمري مان ٻاهر نڪتا. سڀ حيران ٿي ويا ۽ پڇڻ لڳا ته جڏهن اسان توهان کي