Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
زندگي گذارڻ جا مدني گُلَ ڏسي ڪري مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، ان رسالي جي صورت ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو اصلاحِ امّت جي لاءِ جذبو ڏسي ڪري مون هٿو هٿ بيعت جي لاءِ نالو ڏئي ڇڏيو ۽ عطاري بڻجي ويس، وقت جي ڪامل ولي سان نسبت ڇا ٿي، دل گناھن کان بيزار ۽ نيڪين جي طرف مائل ٿي وئي، مون گناھن کان توبھ ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کي دل ۽ جان سان اپنائي ورتو، ان جي برڪت سان منهنجا اخلاق سٺا ٿيڻ لڳا، منهنجي ان تبديلي جو منهنجي گهر وارن تي به چڱو اثر ٿيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! آهسته آهسته پورو گهراڻو ئي قادري، رضوي، عطاري بڻجي ويو، گهر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي وئي، فلمون ڊراما، گانا باجا بند ٿي ويا ۽ گناھن ڀري چينلز جي جڳھ مدني چينل هلڻ لڳو.
مَدنی اِنعامات کی ہو ریل پیل نیک ہو امَّت اے نانائے حسین([1])
نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اعمال چيو ويندو آهي
اي عاشقانِ رسول! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي ڪاوشن سان اسلامڪ اي بُڪ ايپلي ڪيشن متعارف ڪرائي وئي آهي، هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي مڪتبة المدينه طرفان شايع ٿيڻ وارا ڪتب و رسائل تقريباً 38 زبانن ۾ مفت ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا، اها ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪيو، پاڻ به فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ