Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
ٿو، اهو سڀ ڪجھ ڄاڻي وٺڻ، اها ٻي ڪرامت آهي * ۽ سندن عزت ۽ اڪرام ۾ غيب مان بي موسمي ميون جو اچڻ، اها ٽئين ڪرامت آهي.
(تفسیرِ نعیمی،پارہ:3،آلِ عمران،زیرِ آیت:37 ،جلد:3 ،صفحہ:399 خلاصۃً)
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ * وَلِيُّ الله جو ننڍپڻ ۾ نه ڳالهائڻ واري عمر ۾ ڳالهائڻ، اها به ڪرامت آهي، ان جو ذِڪۡر قرآن ڪريم ۾ ٿيو، * وَلِيُّ الله جو ننڍپڻ ئي ۾ الله پاڪ جي سڃاڻپ ۽ اهڙو علم ڄاڻي وٺڻ جيڪو وڏن وڏن کي به مشڪل سان ايندو هجي، اها به ڪرامت آهي، ان جو ذڪر به قرآنِ ڪريم ۾ آهي. *۽ غيب مان رزق ملڻ، اها به ڪرامت آهي ۽ ان جو به ذڪر قرآن ڪريم ۾ موجود آهي.
غوث پاڪ جي ننڍپڻ شريف جون ڪرامتون
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! اهي ٽي قسم جون ڪرامتون هن اُمت جي اولياءِ ڪرام سان به ظاهر ٿينديون آهن. * ڪيترا ئي اهڙا اولياءِ ڪرام آهن جيڪي ننڍپڻ ئي ۾ اهڙيون علمي ڳالهيون ڪندا هئا جو عقل دنگ رهجي ويندي هئي، اسان جي غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ننڍپڻ جون به کوڙ ڪرامتون آهن، مثلاً: پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اڃا امڙ جي پيٽ ۾ هئا ۽ سندن امڙ کي جڏهن نِڇ ايندي هئي ۽ اها ان تي جڏهن اَلحَمدُلله چوندي هئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پيٽ ۾ ئي جواب ۾ يَرحَمُکِ الله چوندا هئا (مُنّے کی لاش،صفحہ:3 بتغیر قلیل۔)
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي ڪرامت....!! اندازو لڳايو! اَڄ ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن جن کي نڇ اچڻ جو جواب ڏيڻ اچي ٿو؟ بلڪ ڪيترا اهڙا آهن جن کي معلوم آهي ته نڇ جو جواب ڏيڻ جو به ڪو تصور آهي، پوءِ عربي گرامر ۾ غوث پاڪ