Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
ڏڪار واري زماني ۾ رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم بُک محسوس ڪئي ته شهزاديءِ رسول حضرت بيبي فاطمه زهرا رَضِىَ اللهُ عَنْها (هڪ ٿانءَ ۾) هڪ ٻوٽي ۽ 2 مانيون ايثار ڪندي بارگاھ رسالت ۾ موڪليون. حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هن تحفي سان گڏ حضرت فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي گهر تشريف کڻي آيا ۽ فرمايائون: اي منهنجي ڌيءَ! هيڏي اچ. حضرت بيبي فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جڏهن ان ٿانءَ کي کوليو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها اهو ڏسي ڪري حيران ٿي ويون ته اهو ٿانءُ مانين ۽ ٻوٽين سان ڀريل هيو ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا ڄاڻي ورتو ته هي الله پاڪ جي فَضل سان آهي. حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سيده فاطمه زهرا رَضِىَ اللهُ عَنْها کان پڇيو: اَنّٰی لَکِ ھٰذَا؟ يعني هي سڀ تو وٽ ڪٿان آيو؟ بيبي فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها عرض ڪيو: ہُوَ مِنْ عِنْدِ اللہِ اِنَّ اللہَ یَرْزُقُ مَنْ یَّشَاءُ بِغَیْرِ حِسَابٍ يعني اهو الله پاڪ طرفان آهي، بيشڪ الله جنهن کي چاهي بغير حساب ڏي. پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: تمام تعريفون الله پاڪ جي لاءِ جنهن توکي بني اسرائيل جي سردار(يعني حضرت بيبي مريم رَضِىَ اللهُ عَنْها) جي مشابه ڪيو.
پوءِ حضور اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّ موليٰ علي، حسن و حُسين ۽ ٻين اهل بيت رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي جمع ڪري سڀني سان گڏجي ٿانوءَ مان کاڌو تناول فرمايو ۽ سڀني ڍؤ ڪري کاڌو پوءِ به کاڌو اوترو ئي بچيل هيو ۽ ان کي حضرت بيبي فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها پنهنجي پاڙيسرين کي کارايو.
اهو واقعو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ حضرت علامه اسماعيل حقي حنفي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: انهيءَ طرح سلف صالحين، صحابه ڪرام، تابعين ۽ ان کان بعد انهن جي پيروي ڪرڻ وارن کان ڪرامتن جو ظهور ٿيندو آهي.
(تَفْسِیْرِ رُوْحُ الْبَیَان، پارہ:3، آلِ عِمْرٰن،زیر آیت:37، جلد2، صفحہ:31۔ )