Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
سُڪل کجين تي يڪدم ميوا لڳي ويا
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي والده محترمه حضرت مريم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها جي هڪ ٻي به ڪرامت قرآن ڪريم ۾ بيان ٿي آهي، جيئن ته سيپاري: 16، سورت مريم ۾ اهو واقعو آهي ته جڏهن حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي ولادت جو وقت ويجهو ٿيو، حضرت مريم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها اڪيلي هئي، کيس ڪجھ کائڻ جي حاجت هئي، سندن ويجهو ئي هڪ سُڪل کجيءَ جو ٿڙ هيو، اُن ۾ پن به نه هئا، رڳو ٿڙ ئي باقي هيو، حضرت مريم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها کي حڪم ٿيو:
وَ ہُزِّیۡۤ اِلَیۡکِ بِجِذۡعِ النَّخۡلَۃِ تُسٰقِطۡ عَلَیۡکِ رُطَبًا جَنِیًّا ﴿۫۲۵﴾
ترجموڪنزالعرفان: ۽ تون کجيءَ جي ٿُڙَ کي پاڻ ڏانهن لوڏ ته تو تي تازيون پڪل کجورون ڪيرائيندو. (پارہ:16، مریم:25)
صحابي رسول حضرت عبدالله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهُما فرمائن ٿا: اهو ٿڙ بلڪل خشڪ هيو حضرت مريم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها جڏهن ان کي ڌوڻيو ۽ سندن ٿڙ جي طرف ڏٺو ته اُن ۾ ٽاريون نڪري آيون هيون، پوءِ ان تي گُل ڦٽا، گُل ڪچين کجورن ۾ تبديل ٿيا، ان تي رنگ آيو، ڇوهارا بڻيا، پوءِ اهي پَچي تيار ٿي رَس واريون کجورون بڻجي پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها جي سامهون ڪِرڻ لڳيون. اهو سڀ ڪجھ اک ڇنڀ ۾ ٿيو. (تفسیرِ قرطبی،پارہ:16،مریم،زیرِ آیت:25 ،جز:11،جلد:6 ،صفحہ:17۔)
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو، اولياءِ ڪرام جو هٿ لڳڻ جي برڪت سان سُڪل ٿڙ ساوا ٿي ويندا آهن، باغ ٽڙڻ لڳندا آهن، گُل ۽ ميوا لڳندا آهن، انهن جي هٿن جي برڪت سان، ڏڪار ختم ٿي ويندو آهي. اها به ڪرامت آهي ۽ ان جو ذڪر به ڪٿي ٿيو؟ قرآنِ ڪريم ۾.