Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

اولياءِ ڪرام سان مدد گهرڻ ڪيئن....؟

پيارا اسلامي ڀائرو! جيئن اولياءِ ڪرام کي ڪرامتون عطا ڪيون وينديون آهن، ايئن ئي انهن کي مخلوق جو مددگار به بڻايو ويندو آهي، اها به اولياءِ ڪرام جي هڪ ڪرامت آهي ته الله پاڪ جا هي محبوب ٻانها مدد جي لاءِ پڪارڻ وارن جون صدائون ٻڌندا ۽ انهن جي مدد جي لاءِ پهچندا آهن. ڪجھ ماڻهو هن حوالي سان شيطاني وسوسن جو شڪار ٿيندا آهن، مثلاً اهي چوندا آهن ته جڏهن الله پاڪ مدد ڪرڻ تي قادر آهي ته پوءِ غوثِ پاڪ يا ڪنهن ٻئي بزرگ سان مدد ڇو گهرون؟ جواباً عرض آهي ته هي شيطان جو خطرناڪ تَرين وار آهي ۽ هن طرح خبر ناهي شيطان ڪيترن ماڻهن کي گمراھ ڪري ڇڏيندو آهي. حالانڪه الله پاڪ ڪنهن غيرُ الله کان مدد گهرڻ سان منع ئي ناهي فرمايو بلڪه قرآنِ ڪريم ۾ ڪيئي جڳھن تي الله پاڪ ٻين کان مدد گهرڻ جي اجازت ڏني آهي. هونئن به غوث پاڪ يا ڪنهن ٻئي بزرگ جو مدد فرمائڻ غيرُ الله جي مدد آهي ئي نه،  بلڪه هيءَ الله پاڪ جي ئي مدد آهي، غوثِ پاڪ به مدد فرمائيندا آهن ته پنهنجي طاقت سان نه بلڪه الله پاڪ جي عطا سان مدد فرمائيندا آهن. ڏسو! غزوهءِ بدر جي موقعي تي الله پاڪ فرشتن کي مدد جي لاءِ موڪليو. الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِذۡ یُوۡحِیۡ رَبُّکَ اِلَی الۡمَلٰٓئِکَۃِ اَنِّیۡ مَعَکُمۡ فَثَبِّتُوا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ؕ        

)     سيپارو: 9، سورة انفال: آيت: 12)

ترجمو ڪنزالعرفان: ياد ڪر اي محبوب! جڏهن اوهان جي رب ملائڪن ڏانهن وحي موڪلي ته مان توهان سان گڏ آهيان توهان مسلمانن کي ثابت قدم رکو.

هتي ڏسو! فرشتا به غيرُ الله آهن، الله پاڪ پاڻ فرشتن کي فرمايو: اي فرشتؤ! ايمان وارن کي ثابت قدم رکو! مان توهان سان گڏ آهيان.