Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

ڪرامت ڇاکي چئبو آهي؟

ڪرامت جو مطلب آهي:  وَلِيُّ الله کان ظاهر ٿيڻ وارو اهڙو ڪم جيڪو عادت طور ممڪن نه هجي يعني ظاهري اسباب جي ذريعي ان جو ظاهر ٿيڻ ممڪن نه هجي. جيئن: مُردن کي زندھ ڪرڻ، اهو عادتاً ممڪن ناهي، جيڪڏهن وَلِيُّ الله، الله پاڪ جي عطا سان مُردن کي زندھ ڪن ته ان کي ڪرامت چونداسين، ايئن ئي صرف هٿ لڳائي ڪري، اک کان ڏسي ڪري لاعلاج مريض کي شفاء ڏيڻ، ڪنهن آلي(يعني موبائل وغيره) جي بغير پري کان ٻڌي وٺڻ، دل جي ڳالھ ڄاڻي وٺڻ، مدد جي لاءِ پُڄڻ، سوين ڪلو ميٽر جو سفر سُواري کان بغير ئي منٽن ۾ طئي ڪري وٺڻ وغيره، اهڙا ڪم جيڪڏهن وَلِيُّ الله کان ظاهر ٿين ته ان کي ڪرامت چوندا آهن، اهڙائي ڪم جيڪڏهن الله پاڪ جي سچي نبين کان ظاهر ٿين ته ان کي معجزو چئبو آهي. (شرح العقائد  النسفیہ،صفحہ:313-314 مفصلًا۔) جڏهن ڪنهن عام مؤمنن کان اهڙو ڪم ظاهر ٿي ته ان کي مَعُونت چيو ويندو آهي. (لشرح العقائد المسمیٰ بالنبراس،صفحہ:430۔)

ڪرامت معجزي جو فيضان آهي

علامه يُوسف بن اسماعيل نبهاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: وليءَ جي ڪرامت اصل ۾ نبي عَلَيۡهِ السَّلَام جو معجزو هوندي آهي (ڇوته وليءَ کان ڪرامت ظاهر ٿيڻ نبيعَلَيۡهِ السَّلَام جي سچي هجڻ جو دليل آهي جو جنهن نبيعَلَيۡهِ السَّلَام جي پيروڪار جي اها شان آهي، ته خُود اُن نبي جي شان ۽ عظمت جو ڇا عالم هوندو). وڌيڪ لکن ٿا: جڏهن ٻانهو پنهنجي نفس کي، پنهنجي نفساني خواهشن کي مٽائي ڪري هر طرح سان الله پاڪ جي رضا ۾ راضي ٿي ويندو آهي، اهو ئي ڪم ڪندو آهي، جنهن ۾ الله پاڪ جي رضا هجي، جن ڪمن کان الله پاڪ منع فرمايو