Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

جو رهڻ وارو هڪ غير مسلم هو، مون ان کي مسلمان ڪري ستين ابدال جي جاءِ تي مقرر ڪري ڇڏيو. وري فرمايائون: اي ابو حسن! جيستائين مان زندهه آهيان اهو واقعو ڪنهن کي نه ٻڌائجان.

منہ لگاتا نہیں دُنیا میں جسے کوئی بھی                                                                   بالیقیں اس کے طرفدار ہیں غوثِ اعظم

کھوٹے سکّے جہاں چل جاتے ہیں وہ ہے بغداد                واں نِکمّوں کے خریدار ہیں غوثِ اعظم

ہو کرم! حسنِ عمل آہ! نہیں ہے کوئی                                                         نہ وظائف ہیں نہ اذکار ہیں غوثِ اعظم [1]

حديثن ۾ ڪرامتن جون بيان

پيارا اسلامي ڀائرو! هن سڄي گفتگو مان معلوم ٿيو، ڪرامت حق آهي، الله پاڪ پنهنجي محبوب ٻانهن کي، اولياءِ ڪرام کي اها شان عطا فرمائيندو آهي جو انهن کان ڪرامتن جو ظهور ٿيندو آهي، قرآن ڪريم ۾ به ڪيترين ئي ڪرامتن جو ذڪر موجود آهي، ايئن ئي حديث پاڪ جي مشهور ۽ سڀني کان معتبر ڪتابن بخاري شريف ۽ مسلم شريف ۾ به ڪيئي ڪرامتن جو ذڪر موجود آهي. پاڻ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  پنهنجي صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کي پوئين اُمّتين جي ولين جون ڪرامتون ٻڌايون. اچو! حصولِ برڪت جي لاءِ حديثن ۾ بيان ٿيڻ واريون ڪجھ ڪرامتون به ٻُڌي وٺون ٿا.


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:560-561ملتقطاً۔