Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ
اولياءِ ڪرام جي ڪرامتن جو ثبوت
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
هڪ ڀيرو حضرت شيخ محمد بن سليمان جزولي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وضو ڪرڻ جي لاءِ کوھ تي آيو ته ان مان پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ ڪا شيءِ( ڏول ۽ رسي ) ڪانه هئي. پاڻ انهيءَ پريشانيءَ ۾ مبتلا هئا ته هن کوھ مان پاڻي ڪيئن ڪڍجي (ته جيئن وضو ڪري وقت تي نماز ادا ڪري سگهجي)؟ ايتري ۾ هڪ اونچي مڪان تان هڪ ٻارڙي ڏٺو ته پڇيائين: اوهان ڪير آهيو؟ فرمايائون: محمد بن سُليمان جزولي(رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه). ٻارڙي حيران ٿي چيو: ياشيخ! توهان ئي اهي شيخ آهيو نه! جنهن جي نيڪين جو وڏو چرچو آهي، ان جي باوجود توهان پريشان آهيو ته کوھ مان پاڻي ڪيئن ڪڍان! پوءِ ان ٻارڙيءَ کوھ ۾ پنهنجو لعاب (يعني ٿڪ) وِڌي. پيارا اسلامي ڀائرو! ڪمال ٿي ويو، هن ننڍڙي ٻارڙي جي ٿڪڻ سان ٿوري ئي دير ۾ کوھ