Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

          انڪري ڪرامت جو انڪار ڪرڻ اصل ۾ ڪرامت جو انڪار ناهي بلڪ الله پاڪ جي عطا ۽ ان جي قُدرت جو انڪار آهي، يعني جيڪو ٻانهو ولين جون ڪرامتون ناهي مڃيندو، اهو ڄڻ هي نظريو رکي ٿو ته الله پاڪ پنهنجي ٻانهن کي ڪجھ عطا ناهي ڪري سگهندو. الامان والحفیظ!  الله پاڪ اسان کي اهڙي بي ادبي کان ۽ اهڙي بُري نظريي کان هميشه محفوظ رکي. بيشڪ ڪرامت حق آهي ۽ اولياءِ ڪرام کان ڪيترين ئي ڪرامتن جو ظهور به ٿيندو آهي.

قرآن ڪريم  ۾ ڪرامتن  جو   ذڪر

          اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي پاڪيزه ڪلام قرآنِ ڪريم ۾ به اولياءِ جون ڪيئي ڪرامتون ذڪر ڪيون ويون آهن. مثال طور: اصحابِ ڪهف جيڪي حضرت عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام جا اُمّتي ۽ وڏي شان وارا وليءَ هئا، انهن جي متعلق قرآن ڪريم ۾ پوري سورت موجود آهي، انهن جي ڪرامت اها بيان ٿي ته غار ۾ 300 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ستل رهيا، ان دوران نه سندن جسمن کي ڪو نقصان رسيو نه ئي انهن کي ڪنهن قسم جي تڪليف پهتي، پوءِ 300 سال کان بعد هُو صحيح سلامت غار مان اٿيا، ساڻس هڪ ڪتو به هيو، اهو به غار جي چائنٺ تي هيو، اهو به انهن سان 300 سال تائين ستل رهيو، ان کي به ڪنهن قسم جي ڪا تڪليف نه پهتي، امام فخري الدين رازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   فرمائن ٿا: ايڏو وڏو عرصو ستل رهڻ، انهن جي جسمن ۾ ڪا تبديلي نه ٿيڻ، پوءِ  سلامتيءَ سان جاڳڻ اصحابِ ڪهف جي ڪرامت آهي.

 (تفسیرکبیر،پارہ:15،الکہف،زیرِ آیات:16-17،جلد:7،صفحہ:443-444 خلاصۃً۔) 

بي موسمي ميوا ملڻ به ڪرامت آهي

 انهيءَ طرح قرآن ڪريم ۾ حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي والده حضرت مريَم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جي به ڪرامتن جو ذڪر آهي. اهي کير پيئڻ جي عمر ۾ هيون،