Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

آهي، ان کان پاسيرو ٿي ويندو آهي، مطلب ته پنهنجي پاڻ کي الله پاڪ جي مرضي ۾ فنا ڪري ڇڏيندو آهي ته الله پاڪ به پنهنجي رحمت سان، پنهنجي فضل سان ان ٻانهي جي مرضي کي پورو فرمائيندو آهي.

(جامع کرامات الاولیاء،المطلب الاول فی اثبات کرامات الاولیاء...الخ،جلد:1،صفحہ:13 ملتقطًا۔)

صحابي رسول جي ڪرامت

حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ مشهور صحابي رسول آهن. هڪ ڀيرو پاڻ
 رَضِىَ اللهُ عَنْهُ مداين شهر کان نڪتا، سندن مهمان به ساڻ هيو، (رستي ۾ هڪ هنڌان گذريا ته) هرڻ جنگل ۾ گهمي رهيا هئا، ۽ پکي هوا ۾ اڏامي رهيا هئا، حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ چاهيو ته مهمان جي مهمان نوازي ڪئي وڃي. جيئن ته پاڻ هرڻ ۽ پکين کي پڪاري فرمايو: اي هرڻو! اي پکيؤ! توهان مان هڪ پکي ۽ هڪ هرڻ مون وٽ اچي وڃي، مان پنهنجي مهمان جي مهمان نوازي ڪرڻ ٿو چاهيان.

قربان وڃو! صحابي رسول حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو آواز ٻڌي ڪري هڪ هرڻ ۽ هڪ پکي ڪنڌ جهڪائي ادب سان حاضر ٿيا. اهو منظر ڏسي ڪري اهو شخص ڏاڍو حيران ٿيو ۽ تعجب وچان ان جي زبان مان بي اختيار نڪتو: سُبْحٰنَ اللہ! حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمايو: ڇا توکي حيراني ٿي رهي آهي؟ ڇا تو ڪڏهن اهڙو ٻانهو ڏٺو آهي ته جيڪو پنهنجي ربّ جي اطاعت ڪندو هجي پر اهي شيون(جيڪي انسان جي خدمت جي لاءِ بڻيون هجن اهي) سندن اطاعت نه ڪن. ([1])  

الله! الله! خبر پئي، ڪرامتون الله پاڪ جو هڪ فضل آهي جيڪي الله پاڪ پنهنجي محبوب ٻانهن کي عطا فرمائيندو آهي.


 

 



[1]...جامع کرامات الاولیاء، ہذا کرامات اربعۃ  و خمسین ولیا...الخ،جلد:1، صفحہ:116۔