Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

جي قدرت ۽ طاقت ڏسي ڪري خُدا جي قُدرت ياد ايندي آهي پر ان مقام ۾ به ٻانهو ٻانهو آهي ۽ الله الله آهي. (اعظمی   کی تقریریں،نورانی تقریریں،صفحہ:144-145 بتغیر قلیل ۔)

اها ئي ڳالھ ڪنهن فارسي شاعر چئي آهي:

خاصانِ خُدا خُدا نباشُد                                لیکن ز خُدا جُدا نباشُد

يعني الله وارا خُدا ناهن هوندا پر ياد رکو! اهي خُدا کان جُدا به ناهن هوندا.

الله پاڪ جي عطا ۾ ڪابه رڪاوٽ ناهي

حضرت علاّمه عبدالمصطفيٰ اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: (هتان کان هڪ ٻي ڳالھ به سمجهي وٺو!) جڏهن باھ ۾ اها قدرت آهي ته ڪجھ ئي منٽن ۾ لوھ کي پنهنجي تپش ۽ پنهنجو رنگ عطا ڪري سگهي ٿي ته ڇا ربّ ڪائنات پنهنجي محبوب ٻانهن کي پنهنجي قُدۡرت جو مظهر نٿو بڻائي سگهي...؟ بلڪل بڻائي سگهي ٿو،([1]) الله پاڪ وڏين قدرتن وارو آهي، اهو بي نياز آهي، ان جي عطائن کي ڪوبه شمار نٿو ڪري سگهي، اهو پاڻ فرمائي ٿو:

وَ مَا كَانَ عَطَآءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا  (پاره:15،سورۂ بني اسرائيل:20)

ترجمو ڪنزالعرفان:  ۽ تنهنجي رب جي عطا تي ڪا پابندي نه آهي.

معلوم ٿيو الله پاڪ جي عطا ۾ ڪا رَوڪ ناهي، الله پاڪ جنهن کي جيترو چاهي عطا فرمائي، جيڪو چاهي عطا فرمائي۔ جيڪڏهن الله پاڪ پنهنجي ٻانهن کي بي پناهه طاقت ۽ ڪرامتون عطا ڪري ٿو ته ڪنهن جي ڇا مجال جو الله پاڪ تي اعتراض ڪري۔


 

 



[1]...اعظمی کی   تقریریں،نورانی تقریریں،صفحہ: 145 بتغیر قلیل۔