Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
بخاري شريف ۾ هڪ حديثِ قدسي
آهي. حديثِ قدسي ان حديث شريف کي چوندا آهن: جنهن ۾ فرمان الله پاڪ جو هوندو آهي ۽
زبان مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّمَ جي هوندي آهي، آسان لفظن ۾ هيئن سمجهو ته
عام حديثن ۾ ڪلام پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هوندو آهي ۽ صحابه
راوِي (يعني ٻڌي ڪري اڳتي ٻڌائڻ وارا) هوندا آهن جڏهن ته حديثِ قدسي ۾ ڪلام ربِّ
ڪريم جو هوندو آهي ۽ رسولِ رحمت، شفيعِ امّت
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ
واٰلِهٖ وَسَلَّمَ راوي هوندا
آهن. اچو! بخاري شريف جي حديثِ قدسي ٻڌون ٿا:
حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي پياري نبي
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّمَ فرمايو: الله
پاڪ فرمائي ٿو: جنهن منهنجي ولي سان دشمني ڪئي، مان ان سان اعلانِ جنگ ڪيان ٿو.
ٻانهو جن ذريعن سان منهنجو قُرب حاصل ڪندو آهي، انهن مان منهنجو سڀني کان پسنديده
ذريعو فرائض (مثال طور نماز، روزو، حج. زڪوٰة وغيره) آهن ۽ منهنجو ٻانهو نوافل جي
ذريعي منهنجو قُرب حاصل ڪندو رهندو آهي، ڪندو رهندو آهي، ايستائين جو مان ان سان
محبت ڪرڻ لڳندو آهيان، پوءِ جڏهن مان ان سان محبت ڪندو آهيان ته مان ان جا ڪنَ بڻجي
ويندو آهيان، جنهن سان اهو ٻڌندو آهي، مان ان جون اکيون بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان
اهو ڏسندو آهي، مان ان جا هٿ بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو پڪڙيندو آهي، مان ان
جا پيرَ بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو هلندو آهي، جيڪڏهن اهو مون کان گهرندو آهي
ته مان ان کي ڏيندو آهيان، جيڪڏهن اهو منهنجي پناھ وٺندو آهي ته مان ان کي پناھ
ڏيندو آهيان.
(بخاری،کتاب: الرقاق،باب: التواضع،صفحہ:1597 ،حدیث:6502۔)
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: (مطلب هي آهي ته جڏهن ٻانهو الله