Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مهارت ڏسو! جڏهن مرد کي نڇ اچي ته ان جي جواب ۾ یَرْحَمُکَ اللہ چئبو آهي ۽ جڏهن عورت کي نڇ اچي ته ان جي جواب ۾ یَرْحَمُکِ اللہ چئبو آهي. سُبْحٰنَ اللہ! غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ماءُ جي پيٽ ئي ۾ ڪيتري ته مهارت رکندا هئا، ڪلام به ڪندا هئا ۽ عربي ۾ عربي گرامر جو لحاظ رکي ڪري ڳالهائيندا هئا.
* انهيءَ طرح پنج سالن جي عمر ۾ جڏهن پهريون ڀيرو بِسْمِ اللہ پڙهڻ جي رسم جي لاءِ ڪنهن بزرگ وٽ ويٺا ته اَعُوذ ۽ بِسْمِ اللہ پڙهي سورة الفاتحه ۽ الٓمّٓ کان وٺي ارڙهن سيپارا پڙهي ٻُڌايائون. ان بزرگ چيو؛ پٽ! اڃا پڙهو. فرمايائون؛ بس مون کي ايترو ئي ياد آهي ڇو ته منهنجي امڙ کي به ايترو ئي ياد هو، جڏهن آءُ پنهنجي امڙ جي پيٽ ۾ هيس ان وقت پاڻ پڙهنديون هيون، سو مون ٻُڌي ياد ڪري ورتو هو.( مُنّے کی لاش ،صفحہ:4 بتغیر قلیل۔)
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي اولياءِ ڪرام جي شان...!! معلوم ٿيو ڪيترائي ولي اهڙا آهن جيڪي پيدائشي ولي هوندا آهن، الله پاڪ سندن مٿي تي ولايت جو تاج سجائي ڪري دنيا ۾ موڪليندو آهي، تنهنڪري انهن کان ننڍپڻ شريف ۾ به ڪرامتن جو ظهور ٿيندو رهندو آهي.
* انهيءَ طرح غيب مان کاڌو ملڻ، اها به ڪرامت آهي ۽ هيءَ ته اها ڪرامت آهي جيڪا پاڻ سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري حيات ۾ به ظاهر ٿي، جي ها! سيّده فاطمة الزهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها جي لاءِ غيب مان کاڌو اچڻ جي حڪايت ٻڌو!