Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

پاڪ جو قرب حاصل ڪندي ڪندي، ان جو محبوب ٿي ويندو آهي ته هاڻي) هي ٻانهو فَنَافِی اللہ جي مقام تي فائز ٿي ويندو آهي، جنهن سان خُدائي (يعني الله پاڪ جون ڏنل خاص) طاقتون ان جي عضون ۾ ڪم ڪنديون آهن ۽ اهو اهڙا ڪم ڪندو آهي جيڪي عقل کان ٻاهر آهن. (مرآۃ المناجیح،جلد:3، صفحہ:309۔)

حديث شريف جي هڪ مثال سان وضاحت:

پيارا اسلامي ڀائرو!  اولياءِ ڪرام جي مبارڪ عضون ۾ ربّ قادر ۽ قيُّوم جي ڏنل خاص طاقت ڪيئن رکي ويندي آهي، اها ڪيئن ڪم ڪندي آهي، اها ڳالھ هڪ مثال سان سجهائيندي حضرت علاّمه عبدالمصطفيٰ اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا:  ڏسو! لوھ ساڙيندو ناهي، بلڪل ٿڌو هوندو آهي، ان جو رنگ ڪارو هوندو آهي پر ڪجھ منٽن جي لاءِ جيڪڏهن لوھ باھ جي بٺي ۾ رکيو وڃي ته باھ ان لوھ کي پنهنجي تپش ۽ پنهنجو رنگ عطا ڪندي آهي، لوھ باھ جيان ڳاڙهو ۽ گرم ٿي ويندو آهي، هاڻي جيتوڻيڪ لوھ اهو ئي آهي پر ان جا ڪم بدلجي ويا، پهريان هي ٿڌو هو ساڙيندو نه هيو، هاڻي اُن ۾ به تپش اچي وئي، اهو به ساڙڻ لڳندو. وڌيڪ غور ڪيو! هاڻي لوھ ڪم جيتوڻيڪ اهو ئي ڪري رهيو آهي، جيڪو باھ ڪندي آهي پر ڪو به عقلمند اهو نه چوندو ته لوھ باھ بڻجي ويو آهي يا باھ لوھ بڻجي وئي آهي. اهو صرف سمجهائڻ جي لاءِ هڪ مثال آهي، هن مان اولياءِ ڪرام جي شان سمجهي وٺو ته اولياءِ ڪرامرَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جڏهن الله پاڪ جي ڪامل فرمانبرداري ڪندا آهن، پاڻ کي الله پاڪ جي رضا ۾ فنا ڪري ڇڏيندا آهن، ڏينهن رات الله پاڪ جي محبت ۾ گذاريندا آهن ته هاڻي الله پاڪ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان انهن پنهنجي محبوب ٻانهن کي پنهنجي قدرت ۽ طاقت جو اهڙو جلوو عطا فرمائيندو آهي جو انهن ٻانهن