Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

یَاعِبَادَاللہِ اَغِیْثُوْنِیْ، یَاعِبَادَاللہِ اَغِیْثُوْنِی اي الله جا ٻانهؤ! منهنجي مدد ڪيو! اي الله جا ٻانهؤ! منهنجي مدد ڪيو. جو الله پاڪ جا ڪجهه ٻانها آهن جن کي هي نٿو ڏسي.

( معجمِ کبیر،جلد:7،صفحہ:48،حدیث:13737۔)

علّامه نَوَوِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي پاڻ هن حديث شريف جو تجربو ٿيو آهي، اسان ڪجھ ماڻهو هڪ ڀيري ڪٿي سفر تي هئاسين، اسان جو جانور اسان کان ڇڏائي ڀڄي ويو، اسان ان کي پڪڙڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهياسين، ان وقت مون هيئن پڪاريو: اَعِیْنُونِی عِبَادَ الله! اي الله پاڪ جا ٻانهؤ! منهنجي مدد ڪيو! بس ايترو چوڻو هو ته اهو جانور بيهي رهيو ۽ اسان ان کي پڪڙي ڪري اڳتي روانا ٿياسين.

 (اذکار للنووی،کتاب:اذکار المسافر،باب ما یقول انفلتت دابتہ ، صفحہ:415۔)

بهرحال پيارا اسلامي ڀائرو! مصيبت اچي، پريشاني اچي، ڪا مشڪل هجي، حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي پڪارڻ، سندن کان مدد گهرڻ ۾ ڪو حرج ناهي. صديون گذري ويون، وڏا وڏا اولياءِ ڪرام، علماءِ ڪرام غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ ٻين بزرگن کي الله پاڪ جي مدد جو مظهر سمجهي ڪري کين پڪاريندا، انهن کان مدد گهرندا آيا آهن ۽ الحمد لله! کوڙ ڀيرا تجربو آهي ته الله وارن کان جيڪڏهن مدد گهرون ته هي مدد فرمائيندا آهن.

الله پاڪ اسان سڀني کي اولياءِ ڪرام سان محبت ڪرڻ، اولياءِ ڪرام جي شان ۽ عظمت تي ايمان رکڻ، انهن جو ادب ڪرڻ، انهن جي بي ادبي کان بچڻ ۽ انهن جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.

  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت