Share this link via
Personality Websites!
429015
7183
اعظمرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دعا جي برڪت سان سُجاڳيءَ کان خواب واري حالت ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. (بهجۃالاسرار،ص ۶۴ملخصا)
کِھلا میرے دِل کی کلی غوثِ اعظم مٹا قلب کی بے کلی غوثِ اعظم
نہیں کوئی بھی ایسا فریادی آقا خبر جس کی تم نے نہ لی غوثِ اعظم
صدا گر یہاں میں نہ دُوں تو کہاں دُوں کوئی اور بھی ہے گلی غوثِ اعظم
جو قسمت ہو میری بُری اچھی کر دے جو عادَت ہو بد کر بھلی غوثِ اعظم([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي شان نهايت
بلند آهي، هي نيڪ ٻانها الله پاڪ جا وڏا محبوب ۽ پيارا هوندا آهن، ربّ ڪائنات انهن
کي وڏن وڏن انعامن سان نوازيندو آهي، انهن مان هڪ انعام ڪرامت به آهي. ڪرامت
يقيناً حق آهي، نُبوت جي زماني کان وٺي ڪري اڄ تائين ڪڏهن به هن مسئلي ۾ اهل حق جي
وچ ۾ اختلاف ناهي ٿيو، سڀني جو متفق عقيدو آهي ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان ۽ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جون ڪرامتون
حق آهن ۽ هر زماني ۾ الله وارن سان ڪرامتون ظاهر ٿينديون رهيون آهن ۽
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قيامت تائين اولياءِ ڪرام تشريف آڻيندا رهندا ۽ انهن کان ڪرامتون به
ظاهر ٿينديون رهنديون.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami