Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
ڪرام جي لاءِ زمين سوڙهي ڪئي ويندي آهي، انهن جي لاءِ ڪو فاصلو ناهي رهندو، هي سوين ڪلو ميٽر جو مفاصلو گهڙي کن ۾ طئي ڪري وٺندا آهن، اها به ڪرامت آهي ۽ اها ڪرامت ڪٿي بيان ٿي؟ قرآنِ ڪريم ۾.
امام جلا ل الدين سيوطي حج تي ڪيئن پهتا.....؟
اَلحَمۡدُلله! هن اُمت جي به ڪيترن ئي ولين کان اهڙين
ڪرامتن جو ظهور ٿيو آهي. مثال طور. امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي
گهر، پنهنجي ڪمري کان ڪجھ ئي گهڙين ۾ مڪي شريف پهتا، عمرو ادا ڪيو، پوءِ واپس
تشريف به کڻي آيا، جيئن ته امام جلال الدين سيوطي
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو
هڪ خادم هيو: حضرت محمد بن علي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ دفعي امام سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مون
کي فرمايو: جيڪڏهن منهنجي وصال کان اڳ ۾ تون منهنجو راز ظاهر نه ڪرين ته اڄ عصر جي
نماز مڪي شريف ۾ پڙهڻ جو اِرادو آهي. مون عرض ڪيو: جي! صحيح آهي (يعني مان راز
ظاهر نه ڪندس). سو امام جلال الدين سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه منهنجو
هٿ پڪڙي فرمايو: اکيون بند ڪر! مون اکيون بند ڪيون. اسان تقريباً 27 قدم مس هليا
هئاسين ته فرمايائون: هاڻي اکيون کوليو! مون اکيون کوليون ته اسان مڪي شريف ۾ جنَّتُ
الۡمَعۡليٰ جي دروازي تي هئاسين، پوءِ اسان
اُمُّ المؤمنين حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي مزار پاڪ جي زيارت ڪئي سون، پوءِ حرم پاڪ آياسين، طواف ڪيو، زم زم
شريف پيتو، پوءِ مقامِ ابراهيم جي ويجهو ويهي رهياسون، پوءِ عصر
جي نماز پڙهي، اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ کان بعد امام سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مون کي فرمايو: جيڪڏهن چاهيو ته مون سان گڏ
واپس هلو، نه ته حاجين سان گڏيو اچجان، مون عرض ڪيو: حضور مان اوهان سان گڏ