Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

ڳوليو ته توهان ڪٿي به نظر نه آيؤ. پر هاڻي اوهان پنهنجي ئي ڪمري مان ٻاهر تشريف کڻي آيا آهيو ان ۾ ڪهڙو راز آهي؟ ماڻهن جي تمام گهڻي اصرار ڪرڻ تي ارشاد فرمايائون؛ اَلحَمدُلله مان هر خميس تي هن وقت پنهنجي هن ئي ڪمري مان بريلي کان مديني منوره زادَها اللهُ شَرَفاً وتَعۡظِيۡماً جي حاضري ڏيندو آهيان۔( بریلی سے مدینہ ،صفحہ:2-3 خلاصۃً۔ )

جہاں سے چاہیں مدینے کو جا نکلتے ہیں

ہمیں زمیں پہ سفر کی اجازت ایسی ہے

غير مسلم کي ڪلمو پڙهائي ابدال بڻائي ڇڏيو

 ايئن ئي حضور غوث اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه.....!! اهي ته ولين جا سردار آهن، انهن جي ته شان ئي نرالي آهي. شيخ ابوحسن بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان سڄي رات جاڳندو رهندو هئس ته جيئن ڪنهن وقت حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت بجا آڻيان، هڪ رات مون ڏٺو: حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي گهر کان ٻاهر تشريف کڻي ويا، مون پاڻيءَ جو لوٽو(ڪؤنرو) حاضر ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هيڏانهن هوڏانهن متوجھ ٿيڻ بغير دروازي ڏانهن تشريف کڻي ويا، دروازو ازخود کلي ويو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اڃان اڳتي هلندا ويا مان به پٺيان پٺيان هلندو آيس حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بغداد شهر کان ٻاهر تشريف کڻي آيا، اڃا ٿورا قدم ئي هليا هئا ته هڪ شهر نظر آيو، مون اهو شهر پهريان ڪو نه ڏٺو هو.

حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان شهر ۾ داخل ٿيا ۽ هڪ گهر ۾ هليا ويا، اتي 6 ماڻهو ويٺا هئا، انهن اٿي بيهي سندن تعظيم ڪئي ۽ سلام عرض ڪيو، ان گهر جي هڪ ڪنڊ مان روئڻ ۽ چِنگهڻ جو آواز اچي رهيو هو، ٿوري دير ۾ اهو آواز بند ٿي ويو، ايتري ۾ هڪ شخص آيو ۽ ان گهر جي ڪنڊ ۾ وڃي هڪ ميت