Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
غور فرمايو! الله پاڪ ملائڪن کي موڪليو، الله پاڪ چاهي ها ته ملائڪن جي بغير ئي مدد فرمائي ها، الله پاڪ چاهي ها ته ڪافر پنهنجي گهرن ۾ ئي اونڌا ٿي وڃن ها، ميدانِ بدر ۾ اچي ئي نه سگهن ها پر الله پاڪ ملائڪن کي موڪليو، ڇو؟ ان ڪري جو هو الله آهي، هو رب آهي، هو قدرتن وارو آهي، هو جيڪو چاهيندو آهي ڪندو آهي، ڪو ان کان پڇڻ جي همت نه ٿو ڪري سگهي.
هاڻي غور فرمايو! غزوهءِ بدر ۾ مدد ڪرڻ ڪير آيا؟ ملائڪ آيا پر الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَقَدۡ نَصَرَکُمُ اللّٰہُ بِبَدۡرٍ (سيپارو: 4، سورة آلِ عمران: آيت: 123)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ الله بدر ۾ توهان جي مدد ڪئي.
مدد ڪرڻ ڪير آيا؟ ملائڪ. الله پاڪ ڇا ٿو فرمائي؟ الله مدد ڪئي. معلوم ٿيو: الله پاڪ جا مُقَرَّب ٻانها، الله پاڪ جي عطا سان، الله پاڪ جي ڏنل طاقت سان مدد ڪن ته هي مدد غيرُ الله جي مدد ناهي بلڪه هي الله پاڪ جي ئي مدد آهي جيڪو هو پنهنجي ٻانهن جي ذريعي ڪرائيندو آهي.
حديث پاڪ ۾ ٻانهن کان مدد گهرڻ جي باقاعِده ترغيب موجود آهي، 3 فرامين مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌو! (1) منهنجي رحم دل اُمّتين کان حاجتون گهرو رزق ماڻيندؤ.(جامع صغیر،صفحہ:72 ،حدیث:1106۔) (2) ڀلائي ۽ پنهنجون حاجتون چڱن صورتن وارن سان گهرو.( معجمِ کبیر،جلد:5،صفحہ:271 ،حدیث:10947۔) (3) حاجت رَوا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪڏهن توهان مان ڪنهن جي ڪا شيءِ گم ٿي وڃي يا رستو ڀلجي وڃي ۽ مدد جي ضرورت هجي ۽ توهان اهڙي هنڌ آهيو جتي ڪوبه مددگار ناهي ته هيئن پڪاريو: