Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: سڀني سُرمن مان بهتر سرمو اِثمد آهي ڇو ته هي نگاھن کي روشن ڪندو ۽ پلڪون پيدا ڪندو آهي.[2]
اي عاشقانِ رسول! * پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي ۽ * ڪارو سرمو يا ڪاجَل زينت جي نيّت سان (يعني خوبصورتي جي نيّت سان) مرد کي پائڻ مڪروھ آهي ۽ زينت مقصود نه هجي ته ڪراهت ناهي، * سرمو رات جو سمهڻ وقت استعمال ڪرڻ سنّت آهي * سرمو استعمال ڪرڻ جي 3 منقول طريقن جو خلاصو پيشِ خدمت آهي: (1): ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرايون (2): ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي سرايون ۽ کاٻي اک ۾ 2 (3) ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ پوءِ آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي ئي واري واري سان اکين ۾ لڳايو اهڙيءَ طرح ڪرڻ سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٽنهين طريقن تي عمل ٿيندو رهندو.
اي عاشقانِ رسول! ادب ۽ تعظيم جا جيترا به ڪم آهن سڀ اسان جا پيارا آقا