Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! هن اُمّت جي اولياءِ ڪرام کان به اهڙين ڪرامتن جو ظهور ٿيو آهي. شيخ ابو مظفر اسماعيل بن علي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: منهنجي باغ ۾ ٻه کجيءَ جا وڻ هئا، جيڪي بلڪل سڪل هئا، چئن سالن کان اهي ميوو نه ڏئي رهيا هئا، مان انهن کي ڪٽڻ جو سوچي رهيو هئس، پوءِ ايئن ٿيو: منهنجي قسمت چمڪي، غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه منهنجي باغ ۾ تشريف کڻي آيا، پاڻ هڪ کجي جي وڻ وٽ وضو ڪيو، ٻئي جي هيٺان نماز پڙهي، پوءِ مون کي دعا ڏنائون ته: الله پاڪ تنهنجي زمين، تنهنجي درهم، تنهنجي پيماني ۽ تنهنجي جانورن ۾ برڪت ڏي.
سندن دعا جي برڪت هي ظاهر ٿي جو * هن سال منهنجي آمدني پهريان کان ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي. * مان هڪ درهم خرچ ڪندو هئس ته ڪيئي ڀيرا وڌيڪ نفعو ملندو هو. * مون ڪڻڪ جون 100 ٻوريون گڏ ڪيون، انهن مان 50 صدقو ڪيون، باقي بچيل مان آءُ استعمال ڪندو رهيس، پوءِ ڳڻيون ته اهي 100 جون 100 موجود هيون،*اهڙي طرح منهنجا جانور ايترا ٿي ويا جو انهن جي ڳڻپ نه ٿي سگهندي هئي ۽ سندن دعا جي اها برڪت سالن جا سال مون کي ملندي رهي.( بَہْجَۃُ الْاَسْرَار ،ذکر فصولِ من کلامہ مرصعا...الخ،صفحہ:91ملتقطًا۔)
اي عاشقانِ رسول! اولياءِ ڪرام جون اهي ڪرامتون جن جو ذڪر قرآنِ ڪريم ۾ آيو آهي، انهن مان هڪ ڪرامت حضرت سُليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي صحابي حضرت آصف بن برخيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي به آهي، سيپاري: 19، سورت نمل ۾ اهو