Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

واقعو بيان ٿيو، جنهن جو خلاصو ڪجھ هن طرح آهي ته ملڪه بلقيس رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها، جيڪا پهريان غير مسلمه هئي، سج جي عبادت ڪندي هئي، يمن جي ملڪ جي ملڪه هئي، حضرت سُليمان عَلَيۡهِ السَّلَام کي جڏهن ان جي متعلق خبر پئي ته پاڻ ان ڏانهن خط لکيو ۽ اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني، هاڻي حضرت ملڪه بلقيس رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها اسلام قبول ڪرڻ جي نيت سان حضرت سُليمان عَلَيۡهِ السَّلَام   جي طرف رواني ٿي، ملڪه بلقيس رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جو هڪ تخت هيو، اهو تخت 7 محلن مان سڀني کان پڇاڙي واري محل ۾ رکيو، ستن ئي محلن کي بند ڪري، تالا لڳرائي ڇڏيا، ملڪه بلقيس جو لشڪر حضرت سُليمان عَلَيۡهِ السَّلَام کان تقريباً 3 ميلن جي فاصلي تي هيو، ان وقت حضرت سُليمان عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي درٻارين کي فرمايو: اوهان مان ڪير ملڪه بلقيس جو تخت هتي کڻي ايندو؟ هڪ جنّ چيو: مان درٻار جو وقت ختم ٿيڻ کان پهريان حاضر ڪندس. حضرت سُليمان عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: مان ان کان به جلدي چاهيان ٿو، هاڻي حضرت آصف بن برخيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عرض ڪيو:

اَنَا اٰتِیْكَ بِهٖ قَبْلَ اَنْ یَّرْتَدَّ اِلَیْكَ طَرْفُكَؕ-  

ترجمو ڪنز العرفان: مان ان کي اوهان جي بارگاھ ۾ اوهان جي اک ڇنڀ کان اڳ ۾ کڻي ايندس(سيپارو:19، سورة نمل: 40)

سُبْحٰنَ اللہ! حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام اکين کي ڇنڀي ڏٺو ته تخت سامهون موجود هيو.( تفسیرِ صراط الجنان،پارہ:19 ،النمل،زیرِ آیت:22-40 ،جلد:7 ،صفحہ:193 -203ملتقطًا۔)

الله! الله! اها آهي وَليُّ الله جي ڪرامت...!! ڪيئي ميل پري مفاصلو.... ڪيئي ڪلو وزني تخت...... حضرت آصف بن برخيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شاهي درٻار ۾ آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اک ڇنڀ ۾ تخت حاضر ڪري ڇڏيائون، هن مان خبر پئي ته اولياءِ