Karamat e Auliya Ke Saboot

Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot

کي ڪلهي تي رکي ٻاهر هليو ويو. پوءِ هڪ شخص کي حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو، ان جون مڇون تمام وڏيون، مٿو اگهاڙو هو ۽ ظاهري حليي مان ڪافر لڳي رهيو هو. حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان شخص کي ڪلمو شهادت پڙهائي مسلمان ڪيو، پوءِ ان جي مٿي ۽ مڇن جا وار ڪٽرائي ٽوپي پارائي محمد نالو رکيائين. پوءِ 6 ماڻهو جيڪي پهريان کان اتي موجود هئا، انهن کي فرمايائون: اسان ان ستين جي جڳهه تي هن کي مقرر ڪيو.

اهو فرمائي حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻاهر تشريف کڻي آيا، پوءِ ٿورا قدم ئي هليا هئا ته بغداد پهچي ويا. مان به پٺيان پٺيان پئي آيس. حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي عاليشان مڪان ۾ تشريف کڻي ويا ۽ مان مدرسي هليو آيس.

مان حيران هيس ته آخر هي ڪهڙو واقعو آهي؟ اهو شهر ڪهڙو هو؟ ميت ڪنهن جي هئي؟ حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪنهن کي ڪلمو پڙهايو؟ رات انهيءَ فڪر ۾ گذري وئي.

صبح جو جڏهن مان حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سامهون پڙهڻ جي لاءِ ويٺس ته رعب سبب زبان مان ڪجھ ڪُڇي نه سگهيس. حضور غوثِ اَعظمرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: پٽ! پڙهو ڇو نٿا؟ مون عرض ڪيو: حضور! رات وارو واقعو ڇا هو؟  مون کي ان کان آگاهه فرمايو! حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اهو (ايران جو شهر) نَهاوَند هو ۽ اهي 6 ماڻهو وقت جا ابدال هئا ۽ جنهن جي چِنگهڻ جو تو آواز ٻڌو اهو ستون ابدال هو، ان جي نزع جو وقت هو، پوءِ ان جو انتقال ٿي ويو.

۽ اهو شخص جنهن کي مون ڪلمو پڙهائي مسلمان ڪيو، اهو قسطنطنيه