Book Name:Karamat e Auliya Ke Saboot
ننڍي ٻار ڳالهايو
مثلاً حديث پاڪ ۾ جُريج راهب جي ڪرامت جو ذڪر آهي، حضرت جُرَيج پوئين اُمَّتن مان هڪ ولي هيو، هڪ ڀيري ڪنهن بدڪردار عورت ان تي غلط الزام لڳايو ۽ پنهنجي ناجائز ٻار جي متعلق چيو ته هي ٻار جُرَيج رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو پٽ آهي، اُن تي حضرت جُرَيج رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان ننڍڙي ٻار کي فرمايو: پٽ! ٻڌايو! توهان جو پيءُ ڪير آهي؟ اهو ٻار جنهن کي پيدا ٿيندي اڃا ڪجھ ئي ڪلاڪ مس ٿيا هئا. اُن ڳالهائيندي چيو ته منهنجو پيءُ فلاڻو آهي.
(الادب المفرد،باب دعوۃ الوالدین،صفحہ:23 ،حدیث:33خلاصۃً۔۔)
هي حضرت جُرَيج رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪرامت هئي، جيڪا اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم بيان فرمائي ۽ امام بُخاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کي پنهنجي ڪتاب ۾ ذِڪۡر ڪيو آهي. هن مان خبر پئي ٿي ته اولياءِ ڪرام کان ڪرامتون ظاهر ٿيڻ به حق آهي ۽ اولياءِ ڪرام جون ڪرامتون ماڻهن کي ٻڌائڻ اسان جي پياري الله ڪريم جو به طريقو آهي ۽ اسان جي محبوب ڪريم، رسول عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو به مبارڪ انداز آهي.
اَلحَمۡدُلله! اولياءِ ڪرام جون ڪرامتون ٻڌڻ ٻڌائڻ سان دلين ۾ انهن جي محبت وڌندي آهي ۽ ان پاڪيزه ايماني محبت جي برڪت سان قبر ۾، حشر ۾، قيامت جي ڏينهن امن نصيب ٿيندو ۽ دل ۾ ايمان مضبوط ٿيندو آهي. انهي ڪري اسان کي گهرجي ته اولياءِ ڪرام سان تمام گهڻي محبت به ڪندا ڪيون، انهن جي سيرت به پڙهندا ڪيون، انهن جون ڪرامتون، انهن جا ايمان اَفروز واقعا پڙهي ڪري، ٻُڌي ڪري ايمان تازو ڪندا رهون.