Behtar Kon

Book Name:Behtar Kon

جي مطابق بهترين انسان آهيون ته ان تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻو آهي ۽ جيڪڏهن الله نه ڪري ائين ناهي ته، اسان بهترين ناهيون ته اسان کي هنن حديثن کي اپنائي ڪري بهترين بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اچو! مبارڪ حديثون ٻڌون ٿا:

(1) : کاڌو کارائڻ، سلام جو جواب ڏيڻ

حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: خِیَارُکُمْ مَنْ اَطْعَمَ الطَّعَامَ وَ رَدَّ السَّلَامَ يعني توهان سڀني ۾ بهتر اهو آهي جيڪو کاڌو کارائي ۽ سلام جو جواب ڏي.[1] 

هن حديث مان خبر جيڪو مسلمان ماڻهن کي کاڌو کارائيندو ۽ سلام جو جواب ڏيندو آهي اهو سڀني کان بهتر آهي.

کاڌو کارائڻ جنتن وارو عمل آهي

الله پاڪ سوره دهر جي آيت نمبر 8 ۾ اهل جنت اوصاف مان هڪ وصف هي به بيان ڪيو فرمايو:

وَ یُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰى حُبِّهٖ مِسْكِیْنًا وَّ یَتِیْمًا وَّ اَسِیْرًا

(پارہ:29،  سورۂ دھر:8)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ کاڌو کارائيندا آهن ان جي محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي.

 صدرُالافاضِل حضرت علّامه مولانا سيّد محمد نعيم الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت جي حوالي سان لکن ٿا: يعني اهڙي حالت ۾ جڏهن ته پاڻ ان کي کائڻ جي حاجت و خواهش هجي ۽ ڪجهه مفسرن انهن جا هي معنٰي ورتا آهن ته الله پاڪ جي محبت ۾ کارائيندا آهن.[2] 


 

 



[1] مسندِ امام احمد ،جلد:9 ،صفحہ:702 ،حدیث:24652۔  

[2] تفسیر خزاین العرفان،پارہ:29 ،سورۂ دھر،زیرِ آیت:8 ،صفحہ:1073۔