Behtar Kon

Book Name:Behtar Kon

ان جي خبر ڏني، رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن سڀني کي گهرائي ورتو ۽ پڇيو: ڇا توهان بلال جي باري ۾ اهڙيون اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن. انهن سڀني اقرار ڪيو ته هائو! اسان اهي ڳالهيون ڪيون آهن. ان موقعي تي سيپاري: 26، سورت حجرات جي هيءَ آيت مبارڪ نازل ٿي، الله پاڪ فرمائي ٿو:[1] 

یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ  اِنَّا خَلَقۡنٰکُمۡ  مِّنۡ ذَکَرٍ وَّ اُنۡثٰی وَ جَعَلۡنٰکُمۡ شُعُوۡبًا وَّ قَبَآئِلَ لِتَعَارَفُوۡا ؕ       اِنَّ  اَکۡرَمَکُمۡ  عِنۡدَ اللّٰہِ  اَتۡقٰکُمۡ ؕ       اِنَّ اللّٰہَ عَلِیۡمٌ خَبِیۡرٌ (۱۳(پارہ :26 ، سورۂ حجرات:13)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي انسانو! اسان توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو ۽ توهان کي ذاتيون۽ پاڙا ڪيوسون ته جيئن توهان پاڻ ۾ سڃاڻپ رکو، بيشڪ الله وٽ توهان مان وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو توهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي. بيشڪ الله ڄاڻڻ وارو خبردار آهي.

علّامه قرطبي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت ڪريمه جي حوالي سان فرمائن ٿا: هن آيت ڪريمه ۾ الله پاڪ مڪي وارن کي نسب تي فخر ڪرڻ، مال جي ڪثرت چاهڻ ۽ غريبن جو مذاق اڏائڻ تي ڇڙٻيو  ويو ۽ ٻڌائي ڇڏيو ته سڀئي انسان حضرت آدم و حضرت حوا عَـلَيْـهِمَا الـسَّـلاَم جا اولاد آهن، فضيلت جو معيار (رنگ، روپ، نسب ۽ مال ناهي) بلڪ تقوٰي آهي. ([2])

دے حُسْنِ اَخْلاق کی دولت                                  کر دے عطا اِخْلاص کی نعمت

مجھ کو خزانہ دے تقویٰ کا                                     یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] تفسیرِ قرطبی،پارہ:26 ،سورۂ حجرات،زیرِ آیت:13 ،جز:10 ،جلد:8 ،صفحہ:211۔

[2]...تفسیرِ قرطبی،پارہ:26 ،سورۂ حجرات،زیرِ آیت:13 ،جز:10 ،جلد:8 ،صفحہ:211۔