Behtar Kon

Book Name:Behtar Kon

تي آيو آهيان ان کان پهريان مون کي ڪا ٻيڙي نه ملي جنهن تي مان توهان وٽ اچان ها. قرض خواھ چيو: بيشڪ الله پاڪ توهان جي اها رقم مون تائين پهچائي ڇڏي آهي جيڪا تو ڪاٺي ۾ رکي ڪري مون ڏي موڪلي هئي، جيئن ته اهو شخص هڪ هزار دينار کڻي خوشي مان واپس هليو ويو.[1]  

(8)  بهترين اهو  آهي جيڪو پنهنجي گهر واري
 ۽ ٻار ٻچن سان بهترين هجي.

رسول بي مثال، بيبي آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ مغفرت نشان آهي: خَیْرُکُمْ خَیْرُکُمْ لِاَہْلِہٖ وَاَنَا خَیْرُکُمْ لِاَھْلِیْ يعني توهان مان بهترين اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر وارن جي لاءِ بهترين هجي ۽ مان پنهنجي گهر وارن جي لاءِ توهان سڀني کان ڀلو آهيان.[2]

 ڪو مؤمن پنهنجي گهر  واريءَ کي دشمن نه سمجهي

ڪو ڪنهن م‍ؤمنه گهر واريءَ کي دشمن نه سمجهي جيڪڏهن ان جي ڪنهن عادت سان ناراض هجي ته ٻي خصلت کان راضي ٿيندو.[3]

بي عيب گهر واري ملڻ ناممڪن آهي

مشهور مفسِر قرآن، حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: سُبْحٰنَ اللہ! ڇاته عمده تعليم آهي، مقصد هي آهي ته بي عيب گهر اوري ملڻ ناممڪن آهي، لهٰذا گهر واريءَ ۾ هڪ ٻه برائيون به هجن ته ان کي برداشت ڪريو جو ڪجھ خوبيون به ڏسندؤ. هتي (صاحب) مرقات فرمايو ته جيڪو شخص بي عيب ساٿي جي تلاش ۾ رهندو


 

 



[1] بخاری، کتاب الکفالۃ، باب الکفالۃ فی القرض …الخ،صفحہ:589،حدیث:

[2] ترمذی، ابواب المناقب عن رسول اللہ ، باب فضل ازواج النبی، صفحہ:875، حدیث:3898۔

[3] مسلم، کتاب الرضاع، باب الوصیۃبالنساء،صفحہ:556 ،حدیث:1469