Book Name:Behtar Kon
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت حضرت مفتي احمديارخان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: ربّ ڪريم فرمايو:
یُقِیۡمُوۡنَ الصَّلٰوۃَ
(پارہ :1، سورۂ بقرۃ:3)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ نماز قائم ڪيو
يا فرمايو:
وَ یُقِیۡمُوۡنَ الصَّلٰوۃَ
(پارہ :1، سورۂ بقرۃ:3)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ نماز قائم رکو
هن مان مراد آهي نماز صحيح پڙهڻ ۽ نماز صحيح پڙهڻ ۾ صف جو سِڌو ڪرڻ به داخل آهي جو ان جي بغير نماز ناقص آهي.[1]
نبي پاڪ صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: پنهنجون صفون سِڌيون ڪريو، انهن ۾ نزديڪي ڪيو، پنهنجا ڪلها ڪلهي سان ملائي رکو، ان جي قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي مان شيطان کي صفن جي ڪشادگي ۾ ٻڪري جي ٻار جيان گهڙندي ڏسان ٿو.[2]
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت حضرت مفتي احمديارخان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: معنيٰ هي ٿي ته نماز جون صفون سِڌيون به رکو ۽ انهن ۾ ملي ڪري به بيهو جو هڪٻئي جا ڪلها پاڻ ۾ مليل هجن. صفون قريب قريب رکو هن طرح جو 2 صفن جي درميان ٻي صف نه ٺهي سگهي يعني صرف سجدي جو فاصلو رکو، نمازِ جنازه ۾ ڇوته سجدو ناهي هوندو انهي ڪري اتي صفن ۾ هن کان به گهٽ فاصلو گهرجي.