Behtar Kon

Book Name:Behtar Kon

ڏئي ڇڏيا.  قرض وٺڻ وارو شخص پنهنجي ڪم جي سلسلي ۾ دريائي سفر تي روانو ٿي ويو ۽ پنهنجو ڪم مڪمل ڪيائين. ان کان بعد ان ٻيڙي جي تلاش شروع ڪئي ته جيئن وعدي جي مطابق وقت تي قرض ادا ڪري سگهي پر ڪا ٻيڙي نه ملي. تڏهن ان هڪ (بانس) جي ڪاٺي کي خالي ڪري ان جي اندر هڪ هزار ۽ قرض خواھ جو نالي هڪ پرچي لکي رکي ڇڏي  ۽ ڪنهن شيءِ سان ڪاٺي جو وات بند ڪري ڇڏيو. پوءِ اهو ان ڪاٺي کي کڻي درياء تي آيو ۽ هي دعا ڪئي: اي الله پاڪ! توکي خوب علم آهي ته مون فلاڻي شخص کان هڪ هزار دينار اُڌار ورتا هئا، ان مون کان ڪفيل جو مطالبو ڪيو ته مون چيو: الله جو ڪفيل هجڻ ڪافي آهي، اهو تنهنجي ڪفالت تي راضي ٿي ويو ۽ اُن مون کان گواھ آڻڻ جو مطالبو ڪيائين ته مون چيو: الله پاڪ جو گواھ هجڻ ڪافي آهي ته اهو تنهنجي گواھي تي راضي ٿي ويو. مون ٻيڙي تلاش ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ته جيئن مان ان کي سندس رقم موٽائي ڏيان پر مان ان تي قادر نه ٿيس ۽ هاڻي مان هي رقم واري ڪاٺي تنهنجي حفاظت ۾ ڏيان ٿو. پوءِ  ان اها ڪاٺي درياء ۾ وجهي ڇڏي. اهو شخص اتان واپس موٽيو ۽ ان عرصي ۾ ٻيڙي تلاش ڪندو رهيو ته جيئن پنهنجي گهر واپس وڃي سگهي. ٻي طرف قرض خواھ به درياء وٽ آيو ته شايد ڪا ٻيڙي سندس مال کڻي اچي رهي هجي. ايتري ۾ ان کي درياء جي ڪناري اها (بانس) جي ڪاٺي نظر آئي جنهن ۾ هڪ هزار دينار موجود  هئا. ان ٻارڻ جي لاءِ اها ڪاٺي کڻي ورتي، جڏهن ان کي چيريائين ته ان مان هڪ هزار دينا ۽ پيغام تي مشتمل هڪ پرچو مليس. ڪجھ ڏينهن کان بعد قرض وٺڻ وارو شخص درياء پار ڪري آيو ۽ هڪ هزار دينار دينا کڻي چوڻ لڳو: الله جو قسم مان لاڳيتو ٻيڙي تلاش ڪندو رهيس ته جيئن توهان جي رقم وقت تي پهچائي سگهان پر ان کان پهريان مون کي ٻيڙي ڪانه ملي. قرض خواھ ان کان پڇيو: ڇا تو منهنجي طرف ڪا شيءِ موڪلي هئي؟ مقروض جواب ڏنو: مان جنهن ٻيڙي