Behtar Kon

Book Name:Behtar Kon

نيڪ ماڻهو جو  قرض ادا ٿي ئي ويندو آهي

حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: يعني جنهن جي نيّت قرض وٺندي وقت ئي ادا ڪرڻ جي نه هجي، پهريان کان ئي حق مارڻ جو ارادو هجي، اهڙو انسان بي ضرورت به قرض وٺندو آهي ۽ ناجائز طور تي به. مطلب ته هيءَ حديث ڪيئي هدايتن تي مشتمل آهي ۽ تجربي مان ثابت آهي ته نيڪ انسان جو قرض ادا ٿي ئي ويندو آهي  چاهي حياتي ۾ پاڻ ئي ادا ڪري يا موت کان بعد ان جا وارث ادا ڪن جيئن ته حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهَ حضور انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رحلت کان بعد حضور جن جو قرض ادا ڪيو، زره ڇڏرائي، جيڪڏهن هي به نه هجي ته قيامت جي ڏينهن ربّ ڪريم اهڙي مقروض جو قرض ان جي قرض خواھ کان معاف ڪرائي ڇڏيندو يا قرض خواھ کي قرض جي عيوض جنت جون نعمتون بخشي ڇڏيندو، بهرحال حديث شريف واضح آهي. هن تي هي اعتراض ناهي ته حضور انور، مديني جي تاجور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي قرض ڇو رهجي ويو هو، اهو ربّ ڪريم ڇونه ادا ڪرايو ته حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهَ جو ادا ڪرڻ ربّ ڪريم جي ئي طرفان هو.[1]

قرض واپس ڪرڻ جو دلچسپ واقعو

  حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بني اسرائيل جي هڪ شخص ٻي شخص کان هڪ هزار دينار اُڌار گهريا. ان چيو: توهان ڪنهن گواھ کي وٺي اچو ته جيئن اهو هن قرض تي گواھ بڻجي. قرض گهرڻ واري چيو ته الله جو گواھ هجڻ ڪافي آهي. ٻي شخص چيو: پوءِ تون ڪنهن ڪفيل کي وٺي اچ، ان جواب ڏنو: الله پاڪ جو ڪفيل هجڻ ڪافي آهي. ان تي ٻي شخص چيو ته تون سچ ٿو چئين، پوءِ اُن هڪ مقرر مدت تائين ان کي هڪ هزار دينار اُڌار


 

 



[1] مراٰۃ المناجیح ، جلد:4 ،صفحہ:297۔