Book Name:Behtar Kon
اهو دنيا ۾ اڪيلو ئي رهجي ويندو، اسان پاڻ هزارين برائين جو چشمو آهيون. هر دوست عزيز جي برائين کي درگذر ڪيو، چڱائين تي نظر رکو، ها اصلاح جي ڪوشش ڪيو، بي عيب ته رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن.[1]
بهترين انسان اهو آهي جنهن جي
شر کان ماڻهو محفوظ رهن
رسول بي مثال، بيبي آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: خِیَارُکُمْ مَن یُّؤْمَنُ شَرُّہُ، وَ یُرْجٰی خَیْرُہ يعني توهان مان بهترين انسان اهو آهي جنهن جي شر کان محفوظ رهيو وڃي ۽ ان کان ڀلائي جي اُميد رکي وڃي.[2] حضرت علامه عبدالرؤف مناوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث جي شرح ۾ فرمائن ٿا: جيڪو شخص ڀلائي جا ڪم ڪندو هجي ايستائين جو ماڻهن ۾ انهي حوالي سان سڃاتو ويندو هجي انهي شخص سان ڀلائي جي اميد رکي ويندي آهي، جنهن جون ڀلايون وڌيڪ هجن ته دليون ان جي شر کان محفوظ ٿينديون، جڏهن انسان جي دل ۾ ايمان مضبوط ٿيندو آهي ته ان کان ڀلائي جي اميد رکي ويندي آهي ۽ ماڻهو ان جي برائي کان محفوظ ٿيندا آهن، جڏهن ايمان ڪمزور ٿيندو آهي ته ڀلائي گهٽ ٿي ويندي ۽ برائي غالب ٿي ويندي آهي.[3]
جنهن جي شر کان ماڻهو محفوظ
رهيا اهو جنت ۾ داخل ٿيندو
نبي اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن پاڪيزه کاڌو کاڌو ۽ سُنت جي مطابق عمل ڪيو ۽ ماڻهو ان جي شر کان محفوظ رهيا اهو جنت ۾ داخل