Book Name:Behtar Kon
دنيا کان نفرت ۽ آخرت سان محبت ڪري، پوءِ عرض ڪيو ويو: اهڙو شخص ڪير ٿي سگهي ٿو؟ فرمايو: اهو مومن جيڪو حسنِ اخلاق جو مالڪ هجي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو حسن اخلاق تمام گهڻين سعادتن جي چاٻي آهي جيئن ته هن حديث پاڪ ۾ بيان ڪيو ويو ته حسن اخلاق جتي تمام گهڻن ڪبيره گناهن کان پاڪ رهڻ جو سبب آهي اتي حسنِ اخلاق دنيا کان نفرت ۽ آخرت جي محبت جو به ذريعو آهي. الله پاڪ اسان کي سچي زبان ۽ قلبِ محموم جهڙي نعمت عطا ڪري پنهنجي بهترين ٻانهن ۾ شامل ڪري.
ناپاڪ دل قربِ الٰهي جي قابل ناهي
مُفَسِّرِشَهِيرحڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: هر شيءِ جو گندو ڪچرو مختلف هوندو آهي. دل جو ڪچرو هي شيون آهن جنهن سان دل ميرو ٿيندو آهي، پوءِ جيئن ناپاڪ بدن هن مسجد ۾ اچڻ جي قابل ناهي ائين ئي ناپاڪ دل مسجد قربِ الٰهي جي قابل ناهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:[2]
اِلَّا مَنۡ اَتَی اللّٰہَ بِقَلۡبٍ سَلِیۡمٍ (ؕ۸۹)
(پارہ:19 ، سورۂ شعراء:89)
ترجمو ڪنزالعرفان: پر اهو جيڪو الله جي حضور حاضر ٿيو دل جي سلامتي سان.
مُفَسِّرِشَهِيرحڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: * حلال ڪمائي سان عبادت ۾ لذت * دل ۾ بيداري * اکين ۾ تري * دعا ۾ قبوليت پيدا ٿيندي آهي. جيڪو انسان مقبول الدعا بڻجڻ چاهي اهو حلال رزق ۽ زبان سچي رکي، حلال ڪمائي اها جيڪا حلال ذريعن سان اچي.[3]