Book Name:Behtar Kon
هن دنيا ۾ بيوقوفن جي ڪمي ناهي، ان جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو ته هڪ خبر جي مطابق نيو يارڪ آمريڪا ۾ هڪ اهڙي ڊسٽرڪشن ڪلب جو آغاز ڪيو ويو آهي جنهن جو رڪن بڻجي اوهان مهانگيون ۽ قيمتي شيون ٽوڙي سگهو ٿا ۽ پنهنجي ڪاوڙ شاهاڻي انداز ۾ ڪڍي سگهو ٿا. هن انوکي سروس جي تحت اوهان مهانگيون گاڏيون، قيمتي ڪراڪري ۽ فرنيچر کان وٺي جديد ٽيڪنالوجي جون شيون جيئن ليپ ٽاپ ۽ ڪپيوٽر تي به پنهنجي ڪاوڙ ڪڍي سگهو ٿا. صرف اهو ئي نه بلڪه اوهان ڪهڙي هٿيار سان انهن کي ٽوڙڻ چاهيو ٿا، ان جو به خصوصي انتظام آهي ۽ هتي توهان کي ڪهاڙي کان وٺي هٿوڙو تائين فراهم ڪيو ويندو. بس اوهان کي ڇا ٽوڙڻو آهي ۽ ڇا سان ٽوڙڻو آهي؟ ان جي لاءِ مطلوبه رقم ڏيو ۽ ان تي پنهنجي ڪاوڙ ڪڍو.[1]
مسلمانن جي پياري امڙ حضرت عائشه رَضِىَ اللهُ عَنْها کي جڏهن ڪاوڙ ايندي هئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عائشه رَضِىَ اللهُ عَنْها کي فرمائيندا هئا: هيئن چئو: اَللّٰہُمَّ رَبَّ مُحَمَّدٍ، اِغْفِرْ لِی ذَنْبِی، وَاَذْہِبْ غَیْظَ قَلْبِی، وَاَجِرْنِی مِنْ مُضِلَّاتِ الْفِتَنِ يعني اي الله! اي محمد جا ربّ! منهنجا گناھ بخشي ڇڏ ۽ منهنجي دل جي ڪاوڙ کي ختم فرماءِ ۽ مون کي گمراھ ڪرڻ واري ظاهري ۽ باطني فتنن کان محفوظ فرماءِ.[2]
(1) هلندي ڦرندي ڪڏهن ڪڏهن یَا اَللّٰہُ، یَارَحْمٰنُ، یَا رَحِیْمُ چئي ڇڏيندا ڪيو (2) هلندي ڦرندي یَا اَرْحَمَ الرَّاحِمِین پڙهندا رهو.