Behtar Kon

Book Name:Behtar Kon

حضرت عبد الله بن عمرو بن عاص  رَضِىَ اللهُ عَنْه ما فرمائن ٿا ته حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائيندا هئا: اِنَّ مِنْ خِیَارِکُمْ اَحْسَنَکُمْ اَخْلَاقاً يعني توهان مان بهترين شخص اهو آهي جنهن جو اخلاق چڱو آهي.[1] 

بهترين اخلاق وارو ڪير؟

مسلمانن جا چوٿان خليفه حضرت علي المرتضٰي، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمائن ٿا: حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايو: ڇا مان توهان کي دنيا و آخرت ۾ سڀ کان بهترين اخلاق واري جي باري ۾ نه ٻڌايان؟ جيڪو توهان کان تعلق ٽوڙي توهان ان کان تعلق جوڙيو ۽ جيڪو توهان کي محروم ڪري ان کي عطا ڪيو ۽ جيڪو توهان تي ظلم ڪري ان کي معاف ڪيو.[2] 

ڊگهي عمر هجڻ ۽  اخلاق چڱا هجڻ بهترين نشاني آهي

حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا مان توهان مان بهترين جي خبر نه ڏيان؟ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْه  عرض ڪيو: ڇو نه! فرمايو: توهان مان بهتر اهي آهن جن جون عمرون ڊگهيون ۽ اخلاق چڱا هجن.[3] 

ڊگهي عمر ۽ رزق ۾ ڪشادگي ماڻڻ جو مدني نسخو

حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو پنهنجي رزق ۾ ڪشادگي ۽ عمر ۾ اضافو پسند ڪري ٿو ان کي گهرجي ته اهو پنهنجي رشتيدارن سان تعلق جوڙي رکي.[4]

الله پاڪ اسان کي نيڪين ڀري زندگي عطا فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .


 

 



[1] ... بخاری، کتاب المنا قب، باب صفۃ النبی،صفحہ:907،حدیث:3559۔

[2] ... معجمِ اوسط،جلد:4 ،صفحہ:160 ،حدیث:5567۔

[3] ... مسندِ امام احمد ،جلد:4 ،صفحہ:26 ،حدیث:7413۔

[4] ... مسلم، کتاب البر و الصلۃ، با ب صلۃ الرحم ،صفحہ:993 ،حدیث:2557۔