Book Name:Behtar Kon
۾ جيڪڏهن تون تمام زمين وارن جون نيڪيون به ان وٽ آڻين ته اهو تو کان انهن کي قبول نه ڪري ۽ الله پاڪ کان اميد اهڙي طرح رک جو تون سمجهين ته جيڪڏهن تمام اهل زمين جون برايون به ان وٽ آڻين ته اهو توکي بخشي ڇڏيندو.[1]
مسلمانن جا ٻيا خليفه حضرت عمر فاروق اعظمرَضِیَ اللهُ عَنْهَ فرمائن ٿا ته جيڪڏهن آواز ڏنو وڃي ته هڪ انسان کان علاوه سڀئي جهنم ۾ هليا وڃن ته مون کي اُميد آهي ته اهو (جهنم کان بچي وڃڻ وارو) انسان مان هوندس ۽ جيڪڏهن آواز ڏنو وڃي ته هڪ انسان کان علاوه سڀئي ماڻهو جنت ۾ هليا وڃن ته مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي اهو (يعني جنت ۾ نه وڃڻ وارو) هڪ شخص مان نه هجان.[2]
بارگاه الٰهي تائين رسائي جون 2 خصلتون
حضرت قتاده رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان مروي آهي ته حضرت مُطَرّف بن عبدالله رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اسان اڪثر حضرت زيد بن صوخان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ ويندا هئاسين هُو چوندا هئا: اي الله پاڪ جا ٻانهؤ! (هڪٻئي جي) عزت ڪيو ۽ چڱي سلوڪ کان پيش اچو ڇوته بارگاھ الٰهي تائين رسائي جو ذريعو 2 خصلتون يعني خوف ۽ اُمّيد آهن.[3]
مک جي مٿي برابر ڳوڙهي جي اهميت
سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن مؤمن جي اکين مان الله تعاليٰ جي خوف مان ڳوڙهو نڪري ٿو، توڙي جو مک جي مٿي جي برابر هجي، پوءِ اهو