Book Name:Behtar Kon
صبح بخير. رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اهو ته مسلمانن جو سلام ناهي، جڏهن توهان ڪنهن وٽ وڃو ته چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللہ ([1])
سُبۡحٰن الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اهو آهي اسلامي سلام...!! جڏهن به ڪنهن سان ملاقات ٿئي ته انهيءَ جيان سلام ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن ڪو سلام ڪري ته ان کي جواب به لازمي ڏيو ۽ ياد رکو! سلام جو جواب ڏيڻ يڪدم ۽ ايتري آواز سان ڏيڻ واجب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي.
سلام جون وڌيڪ سنتون ڄاڻڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت، حضرتِ علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ڪتاب ” 500 سنتون ۽ آداب “ پڙهي وٺو!
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
(2) بهترين شخص اهو جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري
سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: يعني توهان مان بهترين شخص اهو آهي جيڪو پاڻ قرآن سکي ۽ ٻين کي سيکاري.[2]
سُبۡحٰن الله! اهو آهي بهترين انسان جيڪو قرآن سکي به ٿو ۽ ٻين کي سيکاري به ٿو، هاڻي اسان مان هر هڪ غور ڪري * ڇا مان قرآن ڪريم درست تجويد سان، درست مخارج سان، عربي لهجي ۾ پڙهڻ سکي ويو آهيان؟ قرآن ڪريم ۾ الله پاڪ مون کي ڪهڙا احڪام ڏنا آهن * ڪهڙن ڪمن کان بچڻ جو حڪم ڏنو آهي؟ ڇا مان اهو سڀ ڪجهه سکي چڪو آهيان؟ * جيڪڏهن