Behtar Kon

Book Name:Behtar Kon

اهو آهي جن کي دير سان ڪاوڙ اچي ۽ جلدي ختم ٿي وڃي ۽ برا اهي آهن جن کي جلدي ڪاوڙ اچي دير سان ختم ٿي.[1] 

شيطان جو  بال

 حضرت وَهۡب بن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ راهب پنهنجي عبادت گاھ ۾ عبادت  ڪري رهيو هو. شيطان ان کي گمراھ ڪرڻ جو ارادو ڪيو پر ناڪام رهيو، پوءِ ان راهب کي عبادت گاھ جو دروازو کولڻ جي لاءِ چيو پر راهب خاموش رهيو ته شيطان ان کي چيو: جيڪڏهن مان هليو ويس ته توکي افسوس ٿيندو. راهب وري به خاموش رهيو، ايستائين جو شيطان چيو: مان مسيح (يعني عيسيٰ عَلَيه السَّلَام) آهيان. راهب ان کي جواب ڏنو: جيڪڏهن تون مسيح (عَلَيه السَّلَام) آهين ته ڇا اوهان اسان کي عبادت ۾ ڪوشش ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو؟ ۽ ڇا توهان اسان کان قيامت جو وعدو ناهي ڪيو؟ اڄ جيڪڏهن اوهان اسان وٽ ڪا ٻي شيءِ کڻي آيا آهيو ته اسان اوهان جي ڳالھ ڪيئن مڃون؟ ته باالآخر شيطان پاڻ ئي ٻڌائي ڇڏيو: مان شيطان آهيان ۽ توکي گمراھ ڪرڻ آيو هيس پر نه ڪري سگهيس. ان کان بعد شيطان راهب کي چيو: توهان مون کان جنهن شيءِ جي باري ۾ چاهيو سوال ڪري سگهو ٿا. ته راهب چيو: مان توکان ڪجھ به نٿو پڇڻ چاهيان. جڏهن شيطان منهن ڦيري وڃڻ لڳو ته راهب ان کي چيو: ڇا تون ٻُڌي رهيو آهين؟ ان چيو: ها! ڇونه. ته راهب ان کان پڇيو مون کي بني آدم جي انهن عادتن جي باري ۾ ٻڌايو جيڪي هنن جي خلاف تنهنجون مددگار آهن؟ شيطان چيو: اها ڪاوڙ آهي، انسان جڏهن ڪاوڙ ۾ هوندو آهي مان ان کي اهڙي طرح اُبتو سبتو ڪندو آهيان جيئن ٻار بال سان کيڏيندا آهن.[2]


 

 



[1] ترمذی ،کتاب الفتن ،باب ما اخبر النبی …الخ،صفحہ:528،حدیث:

[2] الزواجر ،الکبیرۃ الثالثۃ :الغضب بالباطل و الحقد و الحسد،جلد:1،صفحہ:94 -95