Book Name:Behtar Kon
سُبۡحٰن الله! خبر پئي: پنهنجي واهه واهه جي لاءِ نه، ماڻهن کي ڏيکارڻ، اخبارن، پوسٽرن تي تصويرون لڳائڻ ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جي لاءِ نه بلڪ جيڪو ٻانهو رڳو الله جي محبت ۾، ان جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻين کي کاڌو کارائيندو آهي، اهو جنت وارن جو وصف اپنائڻ وارو آهي.
حضورِپاڪ، صاحب لولاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنت ۾ هڪ اهڙو تهه خانو آهي جنهن جو ٻاهر اندران ۽ اندر ٻاهران ڏسڻ ۾ ايندو آهي، اهو تهه خانو الله پاڪ انهن جي لاءِ تيار ڪيو آهي جيڪي(محتاجن کي) کاڌو کارائين ٿا.[1]
حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: مون مديني پاڪ ۾ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زبان مان سڀ کان پهريان جيڪو ڪلام ٻُڌو اهو هي هو يَااَيُّهَا النَّاسُ !اي انسانو! اَفْشُوا السَّلَامَ سلام کي عام ڪيو! وَاَطْعِمُوا الطَّعَامَ کاڌو کارايو! وَصَلُّوْا بِالَّيْلِ وَالنَّاسُ نِيَامٌ ۽ رات جو جنهن وقت ماڻهو سمهي رهيا هجن، ان وقت نماز پڙھو تَدْخُلُوا الْجَنَّۃَ بِسَلَامٍ (توهان اهي ٽي ڪم ڪندؤ ته) سلامتي سان جنّت ۾ داخِل ٿي ويندؤ۔[2]
ماني کارائڻ جو ثواب گناهن تي غالب اچي ويو
اي عاشقانِ رسول! * بکايلن کي کاڌو کارائڻ * اڃايلن کي پاڻي پيارڻ * غريبن جي ڪم اچڻ * نهايت ثواب جو ڪم آهي، شُعَبُ الۡاِيمان ۾ آهي: اڳوڻين امتن ۾ هڪ عبادت گذار هو، اهو سٺ سالن تائين الله پاڪ جي